غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين: نامور1774.02.13 اديب غلام شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم 13 فبروري 1974ع تي ڳوٺ اختيار وسير، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم 1984ع ۾، مئٽرڪ 1989ع، انٽر 1991ع ۾، ايم. اي (سنڌي) 1997ع ۾ ڪئي. هن جو شروع کان ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۽ ٻڌڻ جو شوق رهيو. غلام شبير ريڊيو لسنر معلوماتي انجمن سنڌ ضلعي گهوٽڪيءَ جو ضلعي رابطہ سيڪريٽري، ريڊيو پبليڪيشن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، وڄڻوٽ ادبي ثقافتي سوسائٽيءَ جو آڊيٽر رهيو آهي. کيس 5 آگسٽ 2002ع ۾ ضلعي پوليس ۾ نوڪري ملي. غلام شبير پيراهين جي ڇپيل ڪتابن ۾ شاھہ عبداللطيف تاريخ جي آئيني ۾ (معلوماتي سوال جواب: 2008ع)، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شخصيتون ۽ درسگاهون (2015ع) قابل ذڪر آهن. غلام شبير پيراهين هڪ جاکوڙي علمي ۽ ادبي ماڻهو آهي. کيس خدمتن جي موٽ ۾ مهراڻ معلوماتي انجمن سنڌ طرفان 1995ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ڀٽائي معلوماتي انجمن ٺٽي پاران 1995ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ريڊيو پبليڪيشن ڦلجي اسٽيشن پاران 1997ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران 1998ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ شامل آهن.


لفظ غلام شبير پيراهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.02.13  عيسوي

اديب غلام شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم 13 فبروري 1974ع تي ڳوٺ اختيار وسير، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
محمد خان سيال
پرويز علي محمد
حمـيـد سـنڌي
سدورو مل ايم راجپوت
حميد ڀٽو
ابراهيم لاشاري پروفيسر
ديپچندر تلوڪچند چندر
ڏيپلائي محمد علي
جوگندر پال
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون