سـمون غـلام شبيـر

سـمون غـلام شبيـر

غلام شبير سمو

غلام شبير سمو: سـنڌ جي مشھور فنڪار استاد غـلام شبـيـر ولد خان محمد سمي جو جنم پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس والد خان محمد سمو ۽ ڏاڏو رسول بخش سمو پنھنجي وقت جا ناليوارا شھنائي نواز ۽ موسيقيءَ جا ڄاڻو هئا. هي غزل، گيت، فوڪ، ڪلاسيڪل، نـيـم ڪـلاسـيڪـل، خـيال، ٺمـري، قصيده خواني ۽ نوحہ خوانيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس تعليم بي. اي آهي. راڳ ۾ والد کان ابتدائي تعليم ورتائين ۽ وڌيڪ موسيقيءَ جي سکيا استاد گلزار علي خان کان حاصل ڪيائين. هن ميڊيا جي سفر جي شروعات آڊيو ڪئسٽ جي دنيا کان ڪئي. سندس پهرين آڊيو ڪئسٽ 1985ع ۾ رليز ٿي، جيڪا قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ تي مشتمل هئي. ريڊيو خيرپور تي 1988ع ڌاري کيس نامور شاعر ۽ پروڊيوسر مختيار ملڪ متعارف ڪرايو. ساڳئي ئي سال ٽيليويزن تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. ٽيليويزن تي نشر ٿيل سندس پهريون گيت ادل سومري جو ’آءٌ ويندس اتي، سونهن آهي جتي‘ هو. غلام شبير سمو ريڊيو، ٽي. وي، اسٽيج ۽ ڪئسٽ جو مقبول فنڪار آهي، سندس ڪيترائي گيت نهايت مقبوليت ماڻي چڪا آهن. پاڻ پوري پاڪستان کان سواءِ سعودي عرب، دبئي، شارجا ۽ ڀارت ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. غلام شبير سمو هڪ بھترين ڪمپوزر پڻ آهي. هن سنڌ جي سڀني ڪلاسيڪل شاعرن کان سواءِ ڪيترن جديد شاعرن جي شاعري پڻ ڳائي آهي. غلام شبير سمو پنهنجو فن ڪافي شاگردن تائين منتقل ڪري چڪو آهي. هي اڄڪلھہ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ غلام شبير سموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

سـنڌ جي مشهور فنڪار استاد غـلام شبـيـر ولد خان محمد سمي جو جنم پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
مريد عباس
فائزا علي
سجاد يوسف
رونا ليليٰ
سوڍو جوڳي
الطاف حسين سمون
حميد علي خان استاد
رمضان علي خان
سرمد سنڌي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون