غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام شاھہ ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام شاھہ ڪلهوڙي جو مقبرو: سنڌ جي ڪلهوڙا دور جي مشھور حاڪم ۽ حيدرآباد شھر جي بنياد وجهندڙ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو هيءُ مقبرو حيدرآباد ۾ واقع آهي. هيءُ مقبرو پاڪستان جي قومي تاريخي ورثي ۾ شامل آهي. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو هي مقبرو 56X56 فوٽ ويڪرو ۽ 36 فوٽ اوچو آهي. سندس مزار مستطيل قلعي نما عمارت ۾ آهي. هي مقبرو سنڌي فن تعمير جو شاهڪار ليکيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ هي برجن تي ٺهيل قلعو هو، جيڪو خود ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي حيدرآباد جي ٽڪريءَ جي ٻئي ڀر/ ڪنڊ تي تعمير ڪرايو. البت قلعي اندر ميان علام شاھہ جي مقبري جي تعمير بابت تضاد آهي تہ اهو ميان محمد سرفراز يا ميان غلام نبي ڪلهوڙي مان ڪنهن هڪ جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو. هن مقبري کي حيدرآباد جي اولين/ بنيادي مقبري جي حيثيت حاصل آهي. قلعي جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڀرندئين طرف ٺهيل ڪوٽ کي لنگهہ ڏنل آهي. مکيہ لنگهہ/ دروازي جي ساخت اندرين احاطه بنديءَ کي ظاهر ڪري ٿي. اتر کان ڏکڻ طرف ڏنل احاطي وارين ديوارن جي مجموعي بيهڪ 21 فوٽ ۽ 8 انچ کان 25 فوٽ ۽ 1 انچ آهي. جڏهن تہ اوڀر کان اولھہ طرف ڪوٽ جي ماپ 19 فوٽ آهي. ڊيگهہ ۾ اها ماپ اندرين ۽ ٻاهرين طرف کان 24 فوٽ 3 انچ آهي. مکيہ دروازي وٽ واقع حجري جي ويڪر 11 فوٽ 2 انچ، گهرائي 3 فوٽ 10 انچ ۽ اوچائي 17 فوٽ 3 انچ ڏسجي ٿي. مکيہ دروازي ڀرسان چونڪي پڻ ٺهيل آهي. حجري جو دروازو رنگين ۽ خوبصورت چٽن سان چٽيل آهي. دروازي کان اڱڻ ڏانهن ويندڙ رستي تي اُڀا توڙي هموار ونگاوان پينل ڏنل آهن. مکيہ لنگهہ کان مقبري جي ٿلهي تائين جو فاصلو 111 فوٽ آهي. جڏهن تہ زمين کان گنبذ جي ڇت 26 فوٽ 4 انچن جي اوچائيءَ ۾ آهي. بظاهر هي مقبرو قلعي جو ڏيک ڏئي ٿو. قلعي جو ڪوٽ پڪين سرن سان ٺهيل آهي. مقبري جي اڏاوت قلعي اندر هڪ اوچي ٿلهي تي ڪيل آهي. مقبرو، چوڌاري هڪجيتري چورس ماپ جو آهي. مقبري جي مهاڙي (اڀرندئين طرف) ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. وچيون حصو، باقي ٻن پاسي وارن حصن کان ماپ ۾ وڌيڪ آهي. مقبري اندر داخل ٿيڻ لاءِ نوڪدار ونگ اندر وڏو دروازو نصب ٿيل آهي. مهاڙي واري ديوار ۾ ونگون، ونگائين ساخت کان سواءِ حاشيو ۽ پينل بہ ڏنل آهن، جن تي اصل ڪاشيءَ جو پٿر لڳل آهي. مقبري جي پاسي وارين ڀتين تي حاشيي کان مٿانهين حصي ۾ هڪٻئي جي ڀر ۾ پوروڇوٽ ونگن جو سلسلو ڏنل آهي. مقبري جي اندرئين حصي ۾ هڪ ڪوٺڙي آهي. وچ تي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي قبر آهي ۽ الهندي ديوار طرف سندس پوٽي فضل علي ولد سرفراز خان ڪلهوڙي جي قبر آهي. مقبري جو اندريون سمورو حصو ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. ڪٿي ڪٿي قرآني آيتون ۽ خوبصورت چٽسالي بہ ٿيل ملي ٿي. هن مقبري جو اصل گنبذ وقت جي ور چڙهي ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪِري پيو هو، جنهن بعد ماربل جو هڪ نئون گنبذ نصب ڪيو ويو آهي. ان گنبذ جي اندرئين حصي ۾ بہ قرآني آيتون ۽ چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي.
قومي تاريخي ورثي ۾ شامل هئڻ سبب هي مقبرو انتهائي اهميت وارو آهي ۽ هن جي سار سنڀال مڪمل طور حڪومت جي ذميواري آهي. مگر ڪجهہ سالن کان نظرانداز ٿيڻ سبب مقامي ماڻهن مقبري جي احاطي ۾ پنهنجن پيارن جا مڙھہ دفنائڻ شروع ڪيا آهن، جنهنڪري مقبري جي ساخت/ اڏاوت تي منفي اثر پئجي رهيو آهي. مقبري جي ڪوٽ اندر هن دور جي ٻن لائق اديبن: مولانا غلام محمد گرامي ۽ حيدر بخش جتوئيءَ جون قبرون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو