غلام شاھہ سيد2

غلام شاھہ، سيد: سيد غلام شاھہ ولد سيد علي بخش شاھہ، لطيفي راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ سدا ملوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. هو شاھہ لطيف جي درگاھہ جي فقيرن مان دنبوري جي وڄت توڙي راڳ جي ڄاڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ تمام مهارت ۽ هنرمنديءَ سان تند وڄائيندو هو. هن راڳ جي سکيا پنھنجي استاد ۽ شاھہ جي ڀلوڙ راڳي ابراهيم خاصخيليءَ کان ورتي ۽ سندس سرواڻيءَ ۾ ئي ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ساڻس گڏ سندس جماعت يا ٽوليءَ ۾ سندس ساٿي تاجو وساڻ، عيسو فقير، يوسف فقير ٻگهيو ۽ فقير بچايو لنجواڻي هوندا هئا. راڳ جي انهيءَ سلسلي ۾ ابراهيم فقير جي سرواڻيءَ واري دور ۾ ڀٽ جي درگاھہ تي هفتي ۾ چار راتيون آچر، سومر، اربع ۽ جمعي جي رات راڳ منعقد ٿيندو هو، جنهن ۾ سومر جي رات راڳ جي سرواڻي پير سيد غلام شاھہ ڪندو هو. انهيءَ ٽوليءَ ۾ حسين شاھہ، پير محمد شاھہ، علي نواز شاھہ، جلال فقير نظاماڻي، نور محمد شاھہ ۽ احمد فقير ساڻس گڏجي ڳائيندا هئا. ابراهيم فقير خاصخيليءَ کان پوءِ راڳ جي سرواڻي سيد غلام شاھہ ڪئي. هو 1957ع کان 1975ع تائين شاھہ جي راڳين جو اڳواڻ رهيو. انهيءَ عرصي دوران ٻن ٽن سالن اندر (1959ع واري وقت ۾) شاھہ جي راڳ چئن راتين بدران پنج راتيون ٿيڻ لڳو. ان کانپوءِ وري ڇھن ستن سالن اندر (1964ع واري وقت ۾) هفتي ۾ ڇھہ راتيون راڳ ٿيڻ لڳو، جيڪو اڳتي وڌي سندس آخري دور 1974ع کان 1975ع تائين روزانو ٿيڻ لڳو. يعني هفتي جون ست ئي راتيون راڳ ٿيڻ لڳو. سيد غلام شاھہ موسيقيءَ جو ماهر هو ۽ خاص ڪري شاھہ جي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. ڪيترين ئي واين کي نئين انداز ۾ ڳائڻ جي روايت وڌائين، جيڪا بلڪل نئين انداز تي ٻڌل هئي ۽ واين جي لئه، سر ۽ تار ۾ نواڻ آندائين. سندس وقت ۾ وائيءَ جي ڳائڻ ۾ ’ٽيپ‘ ۽ ’گهور‘ جي هم آهنگي واري سٽاءُ ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، جنهن ڪري واين ۾ نغماتي گونج وارو وڏو رس پيدا ٿيو ۽ گائڪيءَ جا سمورا گر آزمائيندي ۽ جهڙ جا ست ئي قسم نهايت سھڻي نوع ۾ نروار ڪيائين. تنهن کانسواءِ سيد يعقوب شاھہ جيان پاڻ بہ دنبوري جي وڄت ۾ ٻن نون قسمن جي جهڙ ايجاد ڪيائين، جنهن جي وڄت هن طرح آهي:
(1) ٻہ ڌڪ زبان تي، هڪ ٽيپ تي، هڪ گهور تي.
(2) هڪ ڌڪ زبان تي، ٻيو گهور تي (پر هلڪو)
نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھہ جو رسالو ترتيب ڪرڻ مھل ٽيهن سرن بابت غلام شاھہ سيد کان مدد ورتي ۽ هن ريڊيو حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ جو مدد سان سنڌالاجيءَ ۾ سيد غلام شاھہ کان شاھہ جو راڳ سُر معذوري، سُر ديسي، سُر آبري، سُر سريراڳ، سر مومل راڻو، سرڍول مارو، سُر آسا، سُر ڪلياڻ، سُر ڪوهياري، سُريمن ڪلياڻ، سر ڪيڏارو، سُر ليلا چنيسر، سُر بروو سنڌي، سُر هير، سُر ڌناسري، سُر مارئي، سُر رپ، سُر سورٺ، سُر ڏهر، سُر سامونڊي، سُر حسيني، سُر پورب، سُر سهڻي، سُر سارنگ، سُر رامڪلي، سُر ڪاموڏ، سُر کنڀات ۽ سُر هندي بروو جي سرن ۾ رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ نور محمد شاھہ بہ ساڻس گڏجي ڳايو.
سيد غلام شاھہ رسالي ۾ موجود سُرن جي راڳن جي روپ کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ شاھہ صاحب جي ايجاد ڪيل دنبوري جي مختلف وڄتن تي پڻ ڪجهہ وايون رڪارڊ ڪرايون. سيد غلام شاھہ جي سرواڻيءَ واري عرصي ۾ ڏيھہ ۽ پرڏيھہ ۾ شاھہ جي راڳ وڏي مشهوري ماڻي ۽ اهو سلسلو سندس وفات تائين برقرار رهيو. هن هنرمند فنڪار ۽ سدا ملوڪ راڳيءَ جمعي واري ڏينهن 3 جنوري 1976ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو