غلام شاھہ سيد

غلام شاھہ،سيد: صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد غلام شاھہ 1840ع ڌاري سيد شير محمد شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سيد ويڌل شاھہ جو پوٽو هو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪافيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. سندس 106 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون هڪ نسخي ۾ ملن ٿيون، جيڪو نسخو قلمي صورت ۾ درگاھہ شريف ٽنڊي جھانيان ۾ محفوظ آهي. سيد غلام شاھہ 1928ع ۾ وفات ڪئي. سندس عرس هر سال 29 صفر تي ملهايو ويندو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“ڪوهيارل ڪاهيندياس، جيتر جان بدن ۾ آهي،
سڪ سڄڻ کان سور سرها،
آڏو نيئي اڇلائيندياس،
ڪُل ڪيچن کي تن ۾ آهي.”


لفظ غلام شاھہ سيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو