
غلام سندم نالو
غلام سندم نالو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب غلام هالائيءَ جي فن ۽ شخصيت تي مشتمل آهي، جنهن کي اديب سھيل ابڙي ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب کي اٺن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ سوانحي مضمون، ڪتابن جا تعارف، غلام هالائيءَ جي شخصيت، ياد غلام، دل اندر ديرا، مضمون، ساروڻيون، غلام هالائيءَ جو فن، مزاحيہ فيچرس، خاڪا، خط، چونڊ شاعري وغيرہ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ناليوارن اديبن ۽ دانشورن جا غلام هالائيءَ جي فن ۽ شخصيت تي مضمون شامل آهن، جن ۾ امداد حسيني، سوز هالائي، عبداللطيف ساقي ابڙو، منصور ويراڳي، حميد شھيد هالائي، انور هالائي، پروفيسر نور محمد واڍو، انيس هالائي، مخدوم جميل الزمان، منوج ڪمار شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪ جا ڊراما ۽ شاعري وغيرہ ڏنل آهي. 264 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي امرتا پبليڪيشن 2014ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.