غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو: نامور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر ۽ طنز مزاح جو ليکڪ، غلام رسول ولد محمد صادق ڪلهوڙو، 3 جنوري 1941ع ڌاري ڳوٺ جهلي ڪلواڙي، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي، ايم. ايڊ ھئي. ان کان سواءِ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ مان ڊپلوما پڻ ڪيائين. غلام رسول پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪئي. ھيءُ 1964ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد جو سيڪريٽري رھيو. ان کان سواءِ مختلف عھدن تي رھيو. غلام رسول ڪلهورو نوڪريءَ سانگي جيڪب آباد ۾ رھندو ھو. غلام رسول لکڻ جي شروعات ڪاليج واري زماني کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رھيون. ھن مزاح کان سواءِ ڪھاڻي، شاعري، ناوليٽ وغيرہ پڻ لکيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘ويريون ۽ لھرون’ (مزاحيھ ڪھاڻيون) 1969ع، ‘سنڌي ڪھاڻيون’، ‘زندگي ھڪ مرڪ’ (1991ع) ۽ ‘آئينو ۽ تصوير’ (مزاحيھ ڪھاڻيون ۽ مضمون: 2002ع) قابل ذڪر آھن. پاڻ اسپيشل ايجوڪيشن سکر جي اسڪول مان پرنسپال جي حيثيت سان 2002ع ۾ رٽائر ٿيو. ھن طنز ۽ مزاح کان سواءِ سنجيدہ ڪھاڻيون، مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيا. ناوليٽ بھ لکيائين. شاعريءَ ۾ نثري نظمن تي بھ طبع آزمائي ڪيائين. ھن 30 جون 2013ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد جيڪب آباد ۾ رھائش پذير آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.03  عيسوي

نامور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر ۽ طنز مزاح جو ليکڪ، غلام رسول ولد محمد صادق ڪلهوڙو، 3 جنوري 1941ع ڌاري ڳوٺ جهلي ڪلواڙي، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


2013.06.30  عيسوي

غلام رسول ڪلھوڙي 30 جون 2013ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڇ جي ويلز
عبدالحليم شرر
درشهوار سيد ڊاڪٽر
عابد مظهر ڊاڪٽر
قادر بخش مخلص چانڊيو
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
خليق مورائي
ستار بلوچ
جمال رند
عنايت ﷲ سومرو سھيل
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون