غلام حيدر گبول

غلام حيدر گبول: اديب ۽ محقق غلام حيدر گبول 1911ع ڌاري گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ مير خان گبول ۾ پهلوان گبول جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم جروار شھر ۾ ورتائين. اڳتي هلي فائنل پاس ڪيائين. کيس ادب ۽ تاريخ سان گڏ مذهب جي چڱي ڄاڻ هوندي هئي. مھا ڀارت ۽ رامائڻ جو پڻ چڱو مطالعو هئس. کيس ننڍپڻ کان علم ادب سان چاھہ هوندو هو. پاڻ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکڻ باوجود سيڪيولر خيالن جو هوندو هو. آزاد خيال واري سوچ سبب خاندان سان اختلاف رکندي ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. وٽس گهر ۾ چڱي لائبريري هوندي هئي، جتي ڪيترائي ادب دوست اچي مطالعو ڪندا هئا. سندن اثر هيٺ ڪيترائي نوجوان ادب طرف آيا. سندس ڪتاب ’ادب سنڌ‘ 1952ع ۾ ڇپيو، جنهن جا 1959ع ۽ 2014ع ۾ ڇاپا ڇپيا. ان کانسواءِ سندس ٻہ ڪتاب: ‘شادي’ ۽ ‘وطن جي شام’ پڻ ڇپيل آهن. غلام حيدر حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ غلام حيدر گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو