غلام حيدر صديقي

غلام حيدر صديقي

غلام حيدر صديقي

غلام حيدر صديقي: سنڌ جي نامياري سياستدان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن مخدوم غلام حيدر ولد مخدوم ظھيرالدين صديقي 12 ذوالحج 1312ھہ/ 23 اپريل 1899ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد سعيد هو. هن جو تعلق صديقي قريشي خاندان سان هو. هي حضرت غوث الحق مخدوم نوح جي چوڏهين سجادہ نشين مخدوم ظھيرالدين عرف ڄام جو چوٿون نمبر فرزند ۽ پنڌرهين سجادہ نشين غلام محمد جو ننڍو ڀاءُ هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي حافظ ۽ عالم وٽ ورتي، ان کانپوءِ جيد عالم مولانا شاھہ محمد وٽ ڪجهہ وقت پڙهيو، جنهن کانپوءِ کيس ديوبند موڪليو ويو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي دستاربندي ڪري موٽيو. ان بعد پنهنجو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. پاڻ ڪاروبار سنڀالڻ سان گڏوگڏ ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيائين. هن پنھنجي خانداني ڪتب خاني ۾ وڏو اضافو ڪيو ۽ ٻاهران عالم گهرائي وقت بوقت نصيحت جون مجلسون منعقد ڪرائي عوام کي مستفيض ڪندو هو. پاڻ وڏن وڏن مدرسن ۽ تعليمي ادارن جي هميشہ مالي مدد ڪندو رهندو هو، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي تہ پاڻ سياست ۾ بھرو وٺڻ لڳو. هي ابتدا کان وٺي پنھنجي آخري عمر تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جو هميشہ پريزيڊنٽ رهيو. ان دوران هي مطالعي ۾ مشغول رهيو. هن حضرت غوث الحق مخدوم نوح جي درگاھہ تي هڪ عظيم الشان ورانڊو 1351ھہ/1932ع ۾ تعمير ڪرايو، جنهن جو ڪم 5 جمادي الاول 1351ھہ/ 6 سيپٽمبر 1932ع کان شروع ٿيو ۽ 3 ذوالحج 1351ھہ/ 30 مارچ 1933ع تي مڪمل ٿيو. هن 5 جنوري 1942ع تي هالن ۾ ’مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل قائم ڪرايا، جنهن جو سنگ بنياد وزيرِ تعليم پير الاهي بخش 20 فيبروري 1944ع ۾ رکيو. ان بعد هالن ۾ ‘سروريه اسلاميہ ڪاليج’ برپا ڪرايائون، جنهن جو سنگِ بنياد پير الاهي بخش 2 مئي 1947ع تي رکيو. هن جي باري ۾ جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ لکي ٿو تہ: مخدوم غلام حيدر طبيعت جو ماٺيڻو، پرخلوص، نهايت ئي نرم مزاج ۽ همت ڀريو انسان هو. هالا ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ هن 5 جنوري 1942ع تي ‘مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول’ ۽ 20 جون 1951ع تي مخدوم نوح جي ياد ۾ ’سروري اسلاميہ ڪاليج‘ تعمير ڪرايائين. ان کان سواءِ پاڻ ٻيا بہ ڪيترائي پرائمري اسڪول ۽ مدرسا تعمير ڪرايا. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ٽي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ ‘اسلامي تصوف’ (1935ع)، ‘اسوة محمدي’ (1935ع) ۽ ‘سوانح عمري مخدوم نوح’ (1974ع) شامل آهن. پاڪستان جي قيام بعد هندستان ڇڏي ايندڙ مهاجرن کي حيدرآباد ۾ آباد ڪرائڻ ۽ انهن لاءِ کاڌخوراڪ ۽ تعليم جو انتظام ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. مخدوم غلام حيدر صديقيءَ 9 جون 1953ع تي وفات ڪئي.


لفظ غلام حيدر صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.04.23  عيسوي

سنڌ جي نامياري سياستدان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن مخدوم غلام حيدر ولد مخدوم ظهيرالدين صديقي 12 ذوالحج 1312هه/ 23 اپريل 1899ع تي هالا ۾ جنم ورتو.


1953.06.09  عيسوي

مخدوم غلام حيدر صديقيءَ 9 جون 1953ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طاهرہ واسطي
جوڻيجو مائي ڪالر
پوڪرداس ٿانور داس
طالش
غلام نبي مگسي
طالب حسين ڀورو بروهي
شنبو امير
پير سخي عثمان شاھہ
روئداد خان
آزاد قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون