غلام حيدر شر گودڙيو

غلام حيدر شر گودڙيو : نامور بزرگ، شاعر ۽ سچل سائين جو طالب، فقير غلام حيدر ولد قائم خان شر، 24 رمضان 1215ھہ مطابق 08 فيبروري 1801ع تي ڳوٺ مينگهو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سمجهہ ڀريو ٿيو تہ صوفيت ڏانهن لاڙو ٿيس. آخوند عبدالرحمان مهيسر جي معرفت سچل سرمست جي طالب فقير نانڪ يوسف سان ملاقات ٿيس. جنهن کانپوءِ ان درگاھہ جو طالب ٿيو. روايت آهي تہ نانڪ يوسف زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ فقير غلام حيدر جو هٿ وٺي واليءِ رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر کي پارت ڪندي چيو ته، “هيءَ ٽاري اسان جي دعا جي پوکيل آهي، تون بہ هن کي دعا جي نظر جو پاڻي ڏيندو رهجان. فقير نانڪ يوسف جي وصال بعد مير علي مراد خان ٽالپر، غلام حيدر کي مرشد جيئن سمجهندو هو ۽ کيس جاگير جو پروانو لکي ڏنائين. جيڪو بعد ۾ هن باھہ جي مچ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. فقير غلام حيدر جو والد بلوچستان مان سنڌ ۾ آيو ۽ پنھنجي قبيلي جو سردار هو. پر غلام حيدر سرداري ڇڏي فقيري جي واٽ ورتي ۽ فقيرن واري گودڙي پاتي، جنهن سبب ‘گودڙيو’ سان مشھور هو. فقير غلام حيدر پنھنجي وقت جو قادرالڪلام شاعر هو. هن جو ڪلام سنڌي، سرائڪي، فارسي، اردو ۽ عربي ٻولين ۾ ملي ٿو. سندس ڪلام ۾ مجاز، ورھہ جا ورلاپ ۽ وحدت الوجود جا نڪتا نمايان آهن. فقير غلام حيدر 22 جنوري 1877ع مطابق 7 محرم 1294 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس درگاھہ ڳوٺ مينگهو فقير ۾ ربيع الاول جي 10، 11 ۽ 12 تي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي. فقير غلام حيدر گودڙيي جو ڪلام، درگاھہ جي سجادہ نشين ميان ٻڌل فقير، گودڙيو اڪيڊميءَ طرفان 1960ع ۾، ۽ پوءِ 1982ع ۾ ڇپرايو. جنهن جو مرتب وفا نواز علي شر آهي. سچل چيئر خيرپور طرفان الطاف اثيم ‘غلام حيدر گودڙيي جو رسالو’ جي نالي سان 2006ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. فقير غلام حيدر گودڙيي جو هڪ پٽ فولاد فقير شر پڻ نامور بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1801.02.08  عيسوي

نامور بزرگ، شاعر ۽ سچل سائين جو طالب، فقير غلام حيدر ولد قائم خان شر، 24 رمضان 1215هه مطابق 08 فيبروري 1801ع تي ڳوٺ مينگهو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.


1877.01.22  عيسوي

فقير غلام حيدر 22 جنوري 1877ع مطابق 7 محرم 1294 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام محمد غازي
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
راءِ بھادر سيٺ وشنداس
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
امام علي جنجهي
زيب مگسي
دينپوري مولانا محمد عمر
راڄڙ سرفراز
سيد باغ علي شاھہ لکوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون