غلام حيدر تمراڻي فقير

غلام حيدر تمراڻي، فقير: شاھہ جي راڳي فقير غلام حيدر ولد ﷲ ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو، جو سندس حسب نسب شاھہ جي وڏي راڳيءَ خليفي تمر فقير سان ملي ٿو ۽ تمر فقير جي حوالي سان ئي هي خاندان تمراڻي سڏجي ٿو. فقير غلام حيدر 2001ع ڌاري فقير مير حسن تمراڻيءَ جي صحبت ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. پاڻ سر ڪاموڏ، سر ديسي، سر سسئي، سر آبري، سر سھڻي ۽ سر مارئي نهايت ئي سھڻي انداز سان پيش ڪندو آهي. ان کانسواءِ شاھہ سائين جي ايجاد ڪيل ساز دنبوري وڄائڻ ۾ ڪافي مهارت رکي ٿو، شاھہ سائينءَ جي صحن تي ڳائڻ کان علاوہ هيءَ سڄي سنڌ ۾ پڻ شاھہ جي ڪلام جي نسبت سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيءُ شاھہ سائين جي درگاھہ جي صحن ۾ ٿيندڙ محفل ۾ سومر جي رات ۾ ٻين راڳين سان گڏ راڳ آلاپي درگاھہ جي ڊيوٽي ڏيندو آهي. هيءُ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.30  عيسوي

شاهه جي راڳي فقير غلام حيدر ولد الله ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اداسي الھبچايو زنئور
استاد لعل خان گُڪو
مريد عباس
اڪرم علي ملاح
استاد نياز احمد خان
پنهور عبدالله
حسين بخش خادم
صنم مارئي
شفيع محمد جمن
شادي فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون