غلام حيدر تمراڻي، فقير: شاھہ جي راڳي فقير غلام حيدر ولد ﷲ ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو، جو سندس حسب نسب شاھہ جي وڏي راڳيءَ خليفي تمر فقير سان ملي ٿو ۽ تمر فقير جي حوالي سان ئي هي خاندان تمراڻي سڏجي ٿو. فقير غلام حيدر 2001ع ڌاري فقير مير حسن تمراڻيءَ جي صحبت ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. پاڻ سر ڪاموڏ، سر ديسي، سر سسئي، سر آبري، سر سھڻي ۽ سر مارئي نهايت ئي سھڻي انداز سان پيش ڪندو آهي. ان کانسواءِ شاھہ سائين جي ايجاد ڪيل ساز دنبوري وڄائڻ ۾ ڪافي مهارت رکي ٿو، شاھہ سائينءَ جي صحن تي ڳائڻ کان علاوہ هيءَ سڄي سنڌ ۾ پڻ شاھہ جي ڪلام جي نسبت سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيءُ شاھہ سائين جي درگاھہ جي صحن ۾ ٿيندڙ محفل ۾ سومر جي رات ۾ ٻين راڳين سان گڏ راڳ آلاپي درگاھہ جي ڊيوٽي ڏيندو آهي. هيءُ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
1971.01.30 عيسوي
شاهه جي راڳي فقير غلام حيدر ولد الله ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.