غلام حسين شيخ

غلام حسين شيخ

غلام حسين شيخ 2

غلام حسين شيخ: موسيقيءَ جو ماهر ۽ نامور براڊڪاسٽر غلام حسين شيخ ولد راڻو خان، 1933ع ڌاري جمال شاھہ جي پڙ، ڌرم شالا روڊ، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل جيسلمير جا هئا. سندس والد مشھور سارنگي نواز هو ۽ گهڻو عرصو جيوڻي ٻائيءَ سان ساٿ ۾ رهيو. غلام حسين پنھنجي والد جو اڪيلو اولاد هو. هن سندس تعليم تي خاص توجھہ ڏنو. هن شروعاتي تعليم قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. سندس پرورش هڪ موسيقيءَ جي گهراڻي ۾ ٿي. غلام حسين کي هارمونيم وڄائڻ ۾ ملڪو حاصل هو. پاڻ ڳائيندو بہ هو. غلام حسين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن لوڪ موسيقيءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، هن ڪيترائي فنڪار متعارف ڪرايا، جن ۾ مراد فقير، عابدہ پروين، نور بانو، امينا، ٻڍو فقير، مائي ڀاڳي، حسين فقير ۽ جلال چانڊيو وغيرہ شامل آهن. هن ڪيترن ئي صداڪارن کي بہ ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جن ۾ شفيع محمد شاھہ اهم صداڪار هو، جيڪو پوءِ ٽي وي ۽ فلمن جو مشھور اداڪار ثابت ٿيو. غلام حسين، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي ريڊيو تي رڪارڊ ڪرائڻ ۾ تمام اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سيد صالح محمد شاھہ سان گڏجي ڀٽ شاھہ جي فقير ۽ راڳ جي ڄاڻو غلام شاھہ کي ڪيتريون ئي راتيون ڀٽ شاھہ تي رهي رڪارڊ ڪيو ۽ شاھہ جا 18 سُر سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيا، جيڪي ريڊيو لائبرريءَ ۾ موجود آهن. غلام حسين شيخ جي ٻي شادي مشھور فنڪارہ عابدہ پروين سان 1976ع ۾ ٿي. غلام حسين پروڊيوسر مان ترقي ماڻي پروگرام مئنيجر ۽ پوءِ اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيو. هن ‘پارس’ نالي ڪيسٽ جي ڪمپني بہ کولي، جنهن ۾ هن سنڌ جي فنڪارن کي ڪيسٽن ذريعي عوام سان متعارف ڪرايو. 57 سالن جي عمر ۾ وقت کان اڳ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. غلام حسين 1994ع ۾ عابدہ پروين سان گڏ لنڊن ويو، جتي عابدہ کي ڪامن ويلٿ هال ۾ ڳائڻو هو، جنهن پروگرام ۾ تڏهوڪي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو بہ موجود هئي.
غلام حسين شيخ، عابدہ پروين سان گڏ پروگرام تان 8 ڊسمبر 1994ع تي پي. آءِ. اي جي اڏام 782 ذريعي واپس وطن اچي رهيو هو، تہ کيس جھاز ۾ سيني ۾ سور ٿيو، جنهن سبب هن 62 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. سندس جنازي نماز علامہ تراب علي پڙهائي. سندس آخري آرامگاھہ ٽنڊو يوسف قبرستان حيدرآباد ۾ آهي. غلام حسين شيخ جون ٻہ شاديون ٿيل هيون، پهرين گهر واريءَ مان کيس 3 پٽن ۽ 2 نياڻين ۽ ٻي گهر واريءَ عابدہ پروين مان هڪ پٽ سارنگ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو