غلام حسين شيخ : مشھور قانوندان ۽ اديب غلام حسين ولد بنگل شيخ، 20 مئي 1875ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد شڪارپور جي ناميارن طبيبن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهن پنھنجي هوشياري ۽ قابليت سان چڱو نالو ڪمايو. غلام حسين شيخ جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. اڃا تيرنهن ورهين جو مس ٿيو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. هن تعليم جاري رکڻ سان گڏ ڪورٽ ۾ نوڪري پڻ ڪئي. هو ننڍپڻ کان نهايت ئي هوشيار هو. مطالعي جو بيحد شوقين هو. ادب، شعر، شاعري، تصوف ۽ قانون جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ لکندو هو. اڪثر ڪري شاعريءَ ۾ ’فقير‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هو علي نواز علوي، مفتون همايوني ۽ پير صالح شاھہ راڻيپوري واري جو ويجهو دوست هو. پاڻ صالح شاھہ جو خليفو بہ سڏائيندو هو. غلام حسين شيخ خوش مزاج ۽ با اخلاق انسان هو. هن ٽي شاديون ڪيون. پهرين گهر واريءَ جي وفات بعد عشق جي ٻي شادي ڪيائين، ان جي جيئري ئي ٽين شادي عشق مان ڪيائين. سندس ٽين شاديءَ جي عشق جو قصو نامور محقق ڏوڏيجا لوڪرام پنھنجي ڪتاب ‘منهنجو شھر منهنجا ماڻهو’ ۾ ڪندي لکي ٿو تہ: “شڪارپور ۾ ٻڍا منڊليءَ جي ويجهو هڪ بيوھہ ڍاڪري ٻائي رهندي هئي. جنهن جي سھڻي ڌيءَ دادن بيکي مل بقاليءَ سان پرڻيل هئي، پر سندس عشق غلام حسين سان ٿي پيو ۽ مسلمان ٿي غلام حسين سان شادي ڪيائين، جنهن مان نامور شاعر شيخ اياز ڄائو.” غلام حسين شيخ کي قانون جو گهرو مطالعو هو. ڪيترائي وڪيل وقت بوقت ساڻس صلاح مشورو ڪندا هئا. غلام حسين جي شاعريءَ ڏانهن بہ طيبعت مائل رهي. هيءُ ان وقت جي نامور شاعرن مير علي نواز علوي، آخوند عبدالقادر، بيدل ڀٽو ۽ سائين صالح شاھہ راڻيپوريءَ سان اڪثر سخن جون محفلون ڪندو هو. هيءَ آخر ۾ سلھہ جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن سبب 13 مارچ 1935ع تي وفات ڪيائين. سندس پٽ شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو آهي.
1875.05.20 عيسوي
اديب غلام حسين ولد بنگل شيخ، 20 مئي 1875ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
1935.03.13 عيسوي
شيخ غلام حسين سلهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن سبب 13 مارچ 1935ع تي وفات ڪيائين.