
ڊاڪـٽرغـلام مـحـمـد لاکـو
غـلام مـحـمـد لاکـو، ڊاڪـٽر: غلام محمد ولد محمد ابراھيم لاکو 6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاھہ (ھاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول دولتپور صفن مان، انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھہ مان ۽ بي اي گورنمينٽ مھراڻ ڪاليج موري مان ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. اي (انگريزي ادب) 1980ع ۾ ۽ ايم. اي (تاريخ) 1982ع ۽ پي ايڇ. ڊي ’ارڙھين صديءَ جي سنڌ‘ جي عنوان سان 1999ع ۾ ڪيائين. هُن انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ عرصو النور شگر ملز ۾ ملازمت ڪئي، تنھن کانپوءِ درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. 1982ع ۾ عارضي طور انگريزيءَ جي ليڪچرر جي حيثيت سان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۽ پوءِ مھراڻ ڪاليج موري ۾ رهيو. 1984ع ۾ تاريخ جي مضمون ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، پھرين مقرري گورنمينٽ ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٿي، جتان 1986ع ۾ موري بدلي ٿيو. 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پھرين پاڪستان اسٽڊيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آڪٽوبر 1991ع ۾ تاريخ جي شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي 2008ع ۾ پروفيسر ۽ 2012ع ۾ شعبي جو چيئرمين ٿيو. جتان 2014ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ھن نواب شاھہ ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران، مولانا غلام محمد گراميءَ جي صحبت ۾ تاريخ جي موضوع تي لکڻ شروع ڪيو. سندس پھريون مقالو ’ٺل مير رڪن‘ ٽه ماھي ’مھراڻ‘ (1979ع) ۾ شايع ٿيو. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس ڪجهہ مضمون فارسيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيا. ھن ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. پير حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويي ۽ ايم. ايڇ. پنھور سان علمي ۽ ادبي حوالي سان انتھائي ويجهو رھيو. غلام محمد لاکو مختلف ادارن: سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌ آرڪائوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ۽ پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ سان بہ سلهاڙيل رھيو. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سينيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊيز اينڊ ريسرچ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سنڌ صدين کان‘ (تاريخ: 1980ع)، ’سنڌي ادب‘ (پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1981ع)، ’تاريخ جا سبق‘ (ترجمو: 1984ع)، ’سمن جي سلطنت‘ (تاريخ: 1987ع)، ’دولھھ دريا خان‘ (ٻاراڻو ادب: 1990ع)، ’ڳالهيون منھنجي سنڌ جون‘ (ترتيب: 1992ع)، ’مطالعو سنڌ جو‘ (ترجمو: جلد پھريون: 1992ع، جلد ٻيو: 2004ع)، ’سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو‘ (مضمون، مقالا: 1997ع)، ’مقالات راشدي‘ (ترتيب: اردو: 2002ع)، ’ڪلهوڙا دور حڪومت‘ (تاريخ: 2004ع)، ’سنڌ جي سمن جي بادشاھي‘ (انگريزي: 2006ع)، ’تاريخ معصومي‘ (مرتب: 2008ع)، ’جديد سنڌ جي تاريخ- ڪجهه جهلڪيون‘ (انگريزي: 2008ع)، ’ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا مغل نواب‘ (تاريخ: 2008ع)، ’مشھور سنڌي ماڻهو‘ (ٻاراڻو ادب: 2009ع)، ’تاريخ سنڌ- عرب دور‘ (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: مرتب: 2009ع)، ’تذڪره مشائخ سيوستان‘ (مرتب: 2010ع)، ’سنڌ- ڪڇ لاڳاپا‘ (انگريزي، سنڌي: ترتيب: 2010ع)، ’سنڌ شناسي‘ (ايم. ايڇ پنھور: ترتيب: 2017ع)، ’سنڌ جو مطالعو‘ (ايم. ايڇ. پنھور، ترتيب، انگريزي 2018ع)، ’سنڌي ٻاراڻو ادب‘ (2023ع)، ’سنڌ بابت تحريرون‘ (مضمون، مقالا ۽ خط، انگريزي، 2025ع) ۽ ’قديم سنڌ‘ (ايم. ايڇ. پنھور، ترتيب، انگريزي 2025ع) شامل آھن. غلام محمد لاکو، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ’سنڌي ادب‘ جا پنج پرچا ترتيب ڏيڻ کانسواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اھم رٿا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ تاريخ جي موضوع جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ھن 03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين دولتپور صفن جي امين شاھہ قبرستان ۾ ٿيل آهي.
1954.7.06 عيسوي
غلام محمد ولد محمد ابراھيم لاکو 6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاهه (ھاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو.
2025.3.3 عيسوي
غـلام مـحـمـد لاکـي 03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي