غالب حسين ڊومڪي

غالب حسين ڊومڪي

غالب حسين ڊومڪي مير

غالب حسين ڊومڪي، مير: مشھور سياستدان ۽ ڊومڪي قبيلي جو چيف سردار، مير غالب حسين خان ڊومڪي ولد مير شاھہ علي خان، 01 ڊسمبر 1964ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تعلق هڪ سياسي خاندان سان آهي. مير غالب 1993ع ۾ آزاد اميدوار طور ڪشمور جي PS-18 تڪ تان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ميمبر چونڊجڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو ۽ 1993ع کان 1996ع تائين ثقافت ۽ نوجوانن جي معاملن جو صوبائي وزير رهيو. سندس ڏاڏو علي بلاول خان ڊومڪي انگريز دور ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو. کيس انگريزن طرفان ‘خان صاحب’ جو لقب بہ ڏنو ويو هو. مير غالب، ڊومڪي قبيلي جي نک گلوئي جو چيف مقدم ۽ ڊومڪي قبيلي جو سردار پڻ آهي.
پاڻ پرويز مشرف جي اقتداري دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2008ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. هن وقت تائين آسٽريليا، چين، هانگ ڪانگ، جاپان، منگوليا، سعودي عرب، ٿائيلينڊ ۽ گڏيل امارات جو سفر ڪري چڪو آهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور PS-18 تان بيٺو، پر پ پ پ اميدوار حاجي عبدالرئوف کوسي کان شڪست کاڌائين. کيس سير سياحت جو تمام گهڻو شوق آهي.
مير غالب پنھنجي قبيلي طرفان پڳ هئڻ سبب ذات وارن جا فيصلا پڻ ڪندو آهي، ۽ تر جي ترقياتي ڪمن ۾ سندس اهم ڪردار آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.12.01  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ ڊومڪي قبيلي جو چيف سردار، مير غالب حسين خان ڊومڪي ولد مير شاهه علي خان، 01 ڊسمبر 1964ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ حبيب سنڌي
داداڀائي نوروزجي
در محمد گائنچو
شيام رامسي
سلطان محمود خان بکري
اميد علي شاھہ اميدن ڀريو
جوهر شوڪت علي مولانا
ڀائي خان
بابا بنکنڊي مهراج
دروپدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون