
غار
غار: پهاڙن ۽ جبلن جي قدرتي ٻِر، سُرنگهہ، چُر ۽ کوھہ يا خال ۽ پور کي غار چيو وڃي ٿو. اهي خال يا سُرنگهون گهڻو ڪري باھہ اوڳاڇيندڙ پهاڙن جي ويجهو هونديون آهن. زمين اندر کوٽيل جاءِ جيڪا عام طرح قدرتي عوامل مان ٺهيل هوندي آهي. هندستان ۾ اجنتا ۽ ايلورا دنيا جون مشھور غارون آهن. پاڪستان ۾ پشاور جي پهاڙن ۾ ڪيتريون غارون آهن. کيوڙه ۾ لوڻ جون کاڻيون کوٽڻ سبب وجود ۾ ايندڙ غارون جيتوڻيڪ قدرتي ناهن تڏهن بہ ڏسڻ وٽان آهن، جن جي ڪل ڊيگهہ 30 ميل آهي. انگلستان ۾ ڪينٽو جون غارون ڪيترائي ميل ڊگهيون ۽ ورَن وڪڙن واريون آهن. اسٽافانين جهنگ جي غار جا ٿنڀ گهڻائي عجيب آهن. قرآن مجيد ۾ اصحاب ڪھف جي جنهن غار جو ذڪر آهي اها بہ انهيءَ قسم جي هڪ غار هئي. غار حرا ۽ غار ثور بہ عالم اسلام ۾ مشھور غارون آهن. ملڪ عرب جي انهن غارن مان هڪ غار حرا ۾ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن تي پهرين وڃي نازل ٿي هئي ۽ مڪي کان مديني شريف ڏانهن هجرت دوران پاڻ غار ثور ۾ ڪافرن جي تعاقب کان بچڻ لاءِ وڃي ويٺا هئا ۽ پاڻ ڪريمن صہ سان حضرت ابو بڪر صديق رضہ بہ گڏ هئا، جنهن کان پوءِ کين ‘يارغار’ پڻ سڏيو ويو. غار ۾ ٽن مؤمن شخصن جي ڦاسڻ جو قصو بہ حضور پاڪ صہ جن ٻڌايو تہ هڪڙا ٽي مؤمن مينهن کان بچڻ لاءِ هڪ غاز ۾ وڃي گهڙيا تہ اوچتو آنڌي ۽ طوفان سبب هڪ وڏو پٿر غار جي مُنهن تي اچي پيو ۽ هي ڦاسي پيا ۽ پوءِ انهن پنھنجي نيڪ عملن جو واسطو وجهي ﷲ تعالى کان دعا گهري تہ غار جي منهن تان اهو پٿر هٽي ويو ۽ اهي سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري آيا. غار جو مُنهن زمين جي سطح تي هوندو آهي. غارون چئن قسمن جون ٿين ٿيون: (1) لاوا غار: جڏهن ڪنهن ٻرندڙ جبل مان نڪرندڙ لاوي جي سطح ٿڌي ٿي سخت ٿي وڃي، پر ان جو اندروني حصو سنهو ۽ گرم هجي ان کي لاوا غار چئبو آهي. (2) برفاني غار: هي ڪنهن گليشئر يا آئس برگ اندر برف پگهرڻ سان وجود ۾ ايندي. (3) بحري غار: سامونڊي لهرون ڪنهن جبل سان لڳاتار ٽڪرائجڻ سبب اهو جبل پورو ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهہ وقت کانپوءِ اها جاءِ کوکلي غار جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي اهڙي غار کي بحري غار چيو ويندو آهي. (4) سنهي غار: اهڙي غار زمين اندر جذب ٿيل وڻن مان پاڻيءَ جي مسلسل ٽڪرائڻ سان وجود ۾ ايندي آهي. هي غار اهڙن علائقن ۾ هوندي آهي، جتي چُن يا پٿر هجن. اهڙي غار زميني ماهرن جي نظر ۾ تمام گهڻي اهميت جي حامل هوندي آهي ڇالاءِ تہ اڪثر اهڙين غارن ۾ ڪئلشيم ڪاربونيٽ (CaCo3)، ڪئلشيم باءِ ڪاربونيٽ (Ca(HCO3)2) يا جپسم ڪئلشيم سلفيٽ (Ca SO4-2 H2O) ڄميل شڪل ۾ هوندي آهي. غارن جي مطالعي ۽ تحقيق واري علم کي Speleological چئبو آهي.