عڪاظ: عربن جو هڪ مشھور قومي ميلو، جيڪو هو جاهليت جي دور ۾ ملهائيندا هئا ۽ ان ۾ پري پري کان عربن جا مختلف قبيلا اچي شريڪ ٿيندا هئا. ان ميلي ۾ هر قبيلي وارا اها ڪوشش ڪندا هئا تہ هو اهڙو ڪارنامو ڏيکارين، جيئن سڀ کان وڌيڪ بهادري، علمي ۽ فني مهارت جو سرٽيفڪيٽ کين ملي. ان ميلي ۾ شاعر پنهنجو شعر ۽ ڪلام پيش ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي حق ۾ ٿيڻ جي لاءِ اهو شعر ڪعبة ﷲ شريف ۾ ٽنگائي ڇڏيندا هئا، جيئن ماڻهو ان کي پڙهن ۽ شاعرن کي داد ڏين. هڪ روايت موجب ‘سبعھ معلقات’ (ست مشھور عربي قصيدا) جي ترتيب عڪاظ ميلي جي عملي مقابلن جو نتيجو آهن.