
عيسائيت/ نصرانيت
عيسائيت/ نصرانيت: دنيا جي مذهبن ۾ عيسائيت يا نصرانيت اصل ۾ نصاريٰ قوم يعني عيسيٰ عليہ السلام جي پيروڪارن جو مذهب آهي. نصرانيت اصل ۾ نصرانه طرف نسبت رکي ٿي ۽ هي علائقو گليل ۾ مسيح عليہ السلام جي رهائش جي جڳھہ آهي. هن جو نالو ناصريه ۽ نصوريه پڻ آهي. عيسائيت يا نصرانيت اصل ۾ عيسائين ۽ نصاريٰ وارن جو دين آهي.
حضرت عيسيٰ عه بني اسرائيل وارن لاءِ نبي بنائي موڪليو ويو هو. مسلمان بہ هن کي ﷲ جو نبي مڃين ٿا. حضرت عيسيٰ عه کي عبرانيءَ ۾ جوشوا يا يسوع سڏيو وڃي ٿو، ۽ مسيح جي معنيٰ آهي ‘بچائڻ وارو’. مسيح حضرت عيسيٰ عه جو لقب هو، ڇاڪاڻ جو هو معجزي سان مردن کي جيئرو ڪندو هو. حضرت عيسيٰ عه جي ولادت واري سن ۾ اختلاف آهي. هڪ مقدس ڪتاب Gospel ۾ سندس ولادت هيرود بادشاھہ جي دور جي حوالي سان چوٿين (4) قبل مسيح ڄاڻايل آهي. پاڻ بيت المقدس جي آس پاس جي وسندي يروشلم ۾ پيدا ٿيو ۽ سندن پرورش يهودي گهراڻي ۾ ٿي. عيسائيت وارن لاءِ الهامي ڪتاب انجيل شريف نازل ٿيو. حضرت عيسيٰ عليہ السلام اصل ۾ بيبي مريم بنت عمران جو پٽ آهي، جنهن جي گواهي قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. قرآن مجيد ۾ حضرت عيسيٰ بابت ﷲ تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “اي پيغمبر ڪتاب (قرآن پاڪ) ۾ مريم جو ذڪر ڪريو، جڏهن هوءَ پنھنجي ڪٽنب کان جدا ٿي اوڀرندي پاسي گوشه نشين ٿي وئي، ۽ پردو ڪري انهن کان لڪي ويٺي، تڏهن اسان هن ڏانهن پنهنجو فرشتو موڪليو ۽ اهو هن جي سامهون مڪمل انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. هن چيو تہ آءٌ تو کان ﷲ جي ذريعي سان پناھہ ٿي گهران، اگر تون ڪا نيڪ ذات آهين. هن چيو آءٌ تہ تنھنجي پروردگار جو ايلچي آهيان تہ جيئن توکي هڪ پاڪ پٽ جي بشارت ڏيان. هن چيو مون کي ڪيئن ڇوڪرو ٿي سگهي ٿو، جڏهن تہ ڪنهن مرد مون کي هٿ بہ ناهي لڳايو ۽ نہ ئي مان زانيه آهيان. هن چيو تہ اهو ائين ئي ٿي رهندو، ڇو جو اهو تنھنجي پروردگار جو فرمان آهي.”ڪتاب ‘مذاهب عالم ڪا تقابلي مطالعه’ موجب اها حقيقت آهي تہ يهودين ۽ رومين حضرت عيسيٰ عليہ السلام سان جنگ ڪئي ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، پر ﷲ تعاليٰ حضرت عيسيٰ عه جي دشمنن مان ئي هڪ جي شڪل حضرت عيسيٰ عه جهڙي ڪري ڇڏي، جنهن تي يهودين ان کي حضرت عيسيٰ عه سمجهي صليب تي ٽنگي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ حضرت عيسيٰ عه کي رب العزت زندھہ پاڻ وٽ کڻي ورتو.
حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي کڄي وڃڻ کانپوءِ ان جي پوئلڳن تي وڏو ظلم ٿيو. جلاوطن ٿيا. سخت مصيبتن ۽ اذيتن بعد انهن کي قتل ڪيو ويندو هو ۽ ڪن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو هو. عيسائين تي اهي ظلم ۽ تشدد ڪندڙ بادشاھہ شاھہ نيرون (65ع)، شهنشاھہ تراجان (106ع)، شهنشاھہ ديسيوس (251ع) ۽ شاھہ دقلديانوس (284ع) شامل آهن.
شاھہ نيرون (65ع) عيسائين تي اهو الزام هڻي تہ هنن روم شھر کي ساڙيو آهي، سخت سزائون ڏيندو هو. هي عيسائين کي چمڙي ۾ بند ڪري ڇتن ڪتن آڏو اڇلائيندو هو ۽ ڪن کي وري تارڪول (Tarcoal) يا وارنش ۾ ٻڏل ڪپڙا پارائي باھہ ڏئي انهن سان علائقا روشن ڪندو هو. ان کان سواءِ شاھہ دقلديانوس جڏهن مصر ۾ آيو تہ هن ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪري ڇڏي، چرچن کي ڊاهي ڪتابن ۽ ڪتبخانن کي ساڙائي ڇڏيائين. پادرين کي گرفتار ڪري ڪارين ڪوٺين (جتي روشنيءَ جو نالو نشان بہ نہ هجي) ۾ بند ڪرائي ڇڏيو. عيسائين کي پنھنجي دين جي انڪار تي مجبور ڪيو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ شاھہ دقلديانوس گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک عيسائي بيگناھہ قتل ڪرايا.
عيسائيت جي تاريخ بابت ‘مذاهب عالم ڪا تقابلي مطالعه’ ڪتاب ۾ غلام رسول لکي ٿو ته، “عيسائيت تي پهريون ٽي عيسوي صديون لڳاتار ظلم ۽ تشدد ٿيندو رهيو. انهن مصيبتن جو آغاز 65ع ۾ شهنشاھہ نيرون (37ع کان 68 ع تائين) جي هٿان ٿيو. نيرون عيسائين کي اُهي اذيتناڪ ۽ سفاڪانه سزائون ڏنيون، جن کي پڙهي ۽ ٻڌي انسان جي لُؤن لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. پطرس ۽ پولوس بہ انهي شهنشاھہ جي ظلم جو نشانو بڻجي ويا.نيرون عيسائي مذهب کي قانون ذريعي جرم قرار ڏئي ڇڏيو. مصيبتن ۽ ظلمن جو ٻيو دور رومي شهنشاھہ ڊوميٽين (Domitain) جي دور ۾ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ايترو نہ هليو. ان کان پوءِ 112ع ۾ تراجن (Tara Jan) ظلم شروع ڪيا ۽ ڪيترائي مسيحي مبلغ قتل ڪرائي ڇڏيائين، انهن مقتولن ۾ يوحنا جو شاگرد اگنائيس ۽ ان جو دوست پولي ڪريپ پڻ شامل هئا. ٻي صدي عيسوي سڄي جا سڄي عيسائين تي ظلم ۽ تشدد جي دردناڪ داستانن سان ڀريل آهي. ڪيترن ئي رومي شهنشاهن عيسائيت کي صفحه هستيءَ تان مٽائڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ وڏن وڏن مبلغن کي نذر آتش ڪيو ويو هو. ٽئين صدي عيسويءَ ۾ صرف 249ع کان 258ع تائين وارا ڏھہ سال عيسائيت لاءِ دردناڪ هئا ۽ انهن ڏهن سالن ۾ عيسائين تي ظلم و تشدد جي انتها ٿي وئي. جن ڏينهن ۾ رومي شهنشاھہ عيسائين تي ظلم ۽ تشدد ڪندا هئا، انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ عيسائي آزاديءَ سان، پنھنجي مذهب جو پرچار ڪري رهيا هئا. صرف هڪ شرط هو تہ زرتشتي مذهب جي ڪنهن بہ فرد کي عيسائي بنايو نہ ويندو. جڏهن رومي شهنشاهيت جو سرڪاري مذهب يهودي ختم ٿي عيسائيت ٿيو، تڏهن ايراني عيسائين جون همدرديون رومي حڪومت سان شامل رهيون.
325ع ۾ قسطنطين مان رومي شهنشاھہ ٿيو. هن عيسائيت اختيار ڪئي ۽ روم جو سرڪاري مذهب پڻ عيسائيت مقرر ٿيو. هن عيسائيت جي اشاعت ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏي. نيقه ۾ هڪ ڪائونسل گهرائي انجيل مرتب ڪيو ويو. 327ع ۾ قسطنطين جي وفات کانپوءِ ڪليسا کي رومي حڪومت ملي. هن جي دور ۾ عيسائيت جي اشاعت وڏي پيماني تي ٿيڻ لڳي، ايتري حد تائين جو حبشه، عرب ۽ هندستان ۾ پڻ عيسائيت جي اشاعت ٿيڻ لڳي. يـهـوديـن ڪـا بہ ڪـسـر نہ ڇـڏي، تہ جيئن عـيـسائين جـو وجـود صفحهء هستيءَ تان مٽائي ڇڏجي، پر اهي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا. اڄ تائين عيسائي هلندا اچن، دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسائيت جو رنگ نظر اچي ٿو ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڏا ۽ خوبصورت ڪليسائون موجود آهن.
عيسائيت بابت ‘مذاهب عالم ڪا تقابلي مطالعه’ ڪتاب ۾ غلام رسول لکي ٿو ته، “عيسائيت جي شروعات ۾ ئي مسيحي فرقي ۾ بنيادي اختلاف رونما ٿي ويا هئا، جيڪو يعقوب حواري ۽ پولوس جو اختلاف هو. يعقوب حواري ۽ ٻيا حواري نجاب لاءِ ايمان ۽ صالح عملن کي لازمي سمجهندا هئا، جڏهن تہ پولوس عمل ۽ شريعت جي پابنديءَ کي لعنت قرار ڏيندو هو. پولوس جي فتويٰ آهي تہ مسيح تي ايمان آڻڻ کانپوءِ انسان هر گناھہ کان پاڪ ۽ حقيقي نجات جو وارث ٿي وڃي ٿو. مطلب پولوس جي عقيدي مطابق صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي نجات لاءِ ڪافي آهي. ايمان آڻڻ کانپوءِ انسان جيڪو چاهي ڪري ﷲ تعاليٰ هن جو حساب ڪتاب نہ ڪندو.” عيسائيت ۾ اختلاف وڌندو ويو ۽ ائين ٿيندي ٿيندي مسيحي دين ۾ تقريباً 40 فرقا پيدا ٿيا.”
عيسائين جا مذهبي ڏهاڙا: عيسائي قوم سال ۾ ڪئي مذهبي ڏينهن ملهائيندي آهي. جن ۾ ڪرسمس ۽ ايسٽر جا ڏهاڙا اهم آهن. سموري دنيا ۾ رهندڙ عيسائي 25 ڊسمبر تي حضرت عيسيٰ جي جنم ڏينهن طور ملهائيندا آهن. جنهن کي ڪرسمس ڊي (ناتال) چيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ رٿيل تقريبن جو آغاز 15 ڊسمبر کان ٿيندو آهي، جيڪو ڇهين جنوريءَ تائين جاري رهندو آهي. ڪرسمس جي حوالي سان ڊراما، رانديون ۽ ٻيون تقريبون پيرش هائوس ۾ ٿين (پيرش هائوس پادرين جي رهائشي علائقي کي چيو وڃي ٿو.) پيرش هال گهڻو ڪري چرچ يا ڪليسا جي عمارت جي احاطي ۾ جڙيل هجن ٿا. ڪرسمس جي تيارين ۾ سڀ کان اهم ڪرسمس ٽري (وڻ) کي سينگارڻ آهي. وڻ کي رنگين بلبن ۽ گهنٽين سان سينگاريو ويندو آهي. گهر ڀاتين لاءِ ايندڙ سوکڙين کي ان وڻ هيٺان گڏ ڪن، جيڪي ڪرسمس ڏهاڙي کولين. ان کان سواءِ هڪ رسم اها بہ ڪن تہ هٿرادو ننڍڙي اصطبل ۾ ننڍڙي پينگهي ۾ حضرت عيسيٰ جو مجسمو ٺاهي رکن. جنهن جو مقصد بيت اللحم جي اصطبل ۾ حضرت عيسيٰ جي پيدائش جو اظهار ڪرڻ آهي. ان کان سواءِ ان ڏهاڙي تي عيسائي برادريءَ وارا گهرن ٻاهران وڏي ستاري سان گڏ هڪ بلب بہ روشن ڪندا آهن، جيڪو ڇهين جنوريءَ تائين روشن رکيو ويندو آهي.
ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي هڪ ٻئي ڏانهن تحفا، ڪيڪ ۽ مٺائي موڪليندا آهن. جڏهن تہ سانتا ڪلاز (هڪ فرضي ڪردار) اسٽا ڪنگز (جورابن جي نموني جي ٺهيل ٿيلهي) ۾ ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ چاڪليٽ وجهندو آهي. جن کي ڏسي ٻار تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن. عيسائي برادريءَ جو ٻيو وڏو ۽ اهم ڏهاڙو ‘ايسٽر’ آهي. عيسائين جي عقيدي موجب هي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي صليب تي چڙهڻ جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. هن ڏهاڙي سان ڪيتريون ئي رسمون منسوب ڪيل آهن. ان ڏينهن تي عيسائي عموماً هٿرادو ٺاهيل بيضا (آنا) جن ۾ گهڻو ڪري چاڪليٽ ڀريل هوندو آهي. هڪ ٻئي ڏانهن تحفي طور اُماڻين ۽ ٻارڙا انهن بيضن سان راند کيڏندا آهن. پهريان ايسٽر ملهائڻ لاءِ ڪا تاريخ مقرر نہ هئي. 1752ع ۾ برطانيا جي پارليامينٽ قانون منظور ڪيو. جنهن موجب 21 مارچ يا ان کانپوءِ چنڊ جي پندرهين تاريخ کانپوءِ جيڪو آچر ايندو، ان کي ايسٽر جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو. پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ عيسائي برادريءَ جا ماڻهو رهن ٿا. گهڻو ڪري پنجاب جي ضلعن: گجرانوالا، سيالڪوٽ، شيخو پوره ۽ لاهور کان سواءِ سنڌ جي مختلف شهرن،خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ عيسائي وڏي انگ ۾ رهائش پذير آهن.
(حوالا: (1) پاڪستان ڪي تهوار اور تقريبات، ص: 20، (2) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص 353)