عيار دانش

عيار دانش (قلمي نسخو): هي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب انوار سهيلي جي نهج تي آهي. هن جو مصنف ابو الفضل بن مبارڪ آهي. ملا ابوالفضل هي ڪتاب اڪبر بادشاھہ جي اسرار تي لکيو. هن نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت واري سن بابت ڪابہ معلومات نہ آهي. ڪتاب جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
رب يسر بسم ﷲ الرحمان الرحيم وتمم بالخير
سپاس ازل وابد خداوندي راکه گران تا
گران از آشڪار ونهان پرتو آفتاب... الخ”
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
“... برصفحه زمانه بيادگار ماند و نام نيڪ
که حڪماء زندگاني دوم گفته اند برزبان دوران
گذشت تمام شد.”
212 صفحن تي مشتمل هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 20 سٽون آهن. نسخو نستعليق خط ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو