عنڪبوت سورة

عنڪبوت، سورة: قرآن مجيد جي 29هين ۽ مڪي ۾ نازل ٿيندڙ سورت عنڪبوت ۾ ڪل ست رڪوع ۽ 69 آيتون آهن. هن سورت جي هڪڙي آيت ۾ شرڪانه عقيدا رکندڙ اسلام پاڪ جي مخالفن جي رٿن کي عنڪبوت (ڪوريئڙي) جي (ڪمزور) ڄاري سان تشبيھہ ڏني وئي آهي، جنهن ڪري هن سورت جو نالو عنڪبوت رکيو ويو آهي. هن سورت جي پهرئين رڪوع ۾ مؤمنن جي تڪليفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ اهي ڦاٿل هئا. انهن کي سمجهايو ويو آهي تہ جيڪي تڪليفون انهن تي اچي رهيون آهن، سي تعالى جي مصلحت سان آهن. ڇو تہ تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ ڪو بہ انسان ڪمال کي نہ پهچي سگهندو آهي. اهو پڻ سيکاريو ويو آهي تہ ماءُ پيءُ جو چيو مڃڻ کپي، پر جيڪڏهن اهي ايمان جي ابتڙ ڪو ڪم چون تہ سندن حڪم نہ مڃجي. ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين رڪوع ۾ مختلف انبيائن سڳورن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي تہ انهن انبيائن سڳورن کي بہ هڪ وقت تائين پنھنجي مخالفن جي هٿان تڪليفون سهڻيون پيون آهن. آخرڪار تعالى انهن کي ڪامياب ڪيو. پنجين رڪوع ۾ ڪافرن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ اهي ماڻهو عذاب لاءِ چون ٿا تہ اسان تي ڇو نہ ٿو اچي. انهن کي ٻڌايو ويو آهي تہ جيڪڏهن توهان جو اهوئي رويو رهيو تہ توهان تي ضرور عذاب ايندو (خاطري ڪريو). ڇهين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ جيڪڏهن مصيبتن کان بنھہ بيزار ٿي پئو تہ ايمان ڇڏڻ بجاءِ اهو هنڌ ڇڏي جي وسيع (جھان) ۾ ڪٿي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ رهو. تعالى انهن جي رزق جو بندوبست ڪري ڇڏيندو، توڙي اهي ڪٿي بہ وڃن رهن. آخري رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي. اهي سڀئي تڪليفون وقتي (عارضي) ۽ هڪ ڏينهن ختم ٿي رهنديون ۽ مؤمن نيٺ ڪامياب ٿيندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو