عنايت ﷲ سومرو سھيل

عنايت سومرو سھيل : اديب ۽ شاعر عنايت ولد غوث بخش سومري پهرين آڪٽوبر 1930ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. جيڪب آباد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهين مارچ 1949ع تي پرائمري ماستر مقرر ٿيو، جتان 30 آڪٽوبر 1990ع تي رٽائر ٿيو. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ادب سان چاھہ هو. اڳتي هلي 1952ع کان شاعري ۽ نثر لکڻ شروع ڪيائين. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون شايع ٿيندا رهيا. هن شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان مختلف ادبي فورمن ۽ سماجي تنظيمن ۾ بہ ڪم ڪيو. ’بزم تحسين ادب‘ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. شاعريءَ توڙي نثر ۾ ’سھيل‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. سندس ٽي ڪتاب: (1) ’تذڪرة الاولياء‘، (2) ’ماءُ جي دعا‘ ۽ (3) ’جيڪب آباد ضلعي جي جاگرافي‘ شايع ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.10.01  عيسوي

اديب ۽ شاعر عنايت الله ولد غوث بخش سومري پهرين آڪٽوبر 1930ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
شاهنواز فقير نظاماڻي
غلام حسين مشتاق سچاروي
بھاري لعل ڇاٻڙيا
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
پدم راج شرما
لڇمڻ ڀنڀاڻي
پنھل ڏهر
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
پٺاڻ نثار احمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون