عنايت حسين لغاري

عنايت حسين لغاري

عنايت حسين لغاري ڊاڪٽر

عنايت حسين لغاري ڊاڪٽر: ڊاڪٽرعنايت حسين لغاري ولد مولابخش جو جنم 16 جنوري 1967ع تي ڳوٺ دودو خان لغاري، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڪوٽ غلام محمد مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر 1987ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، بي. اي 1991ع گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص، ايم. اي (سنڌي) 1994ع ۾ ڪيائين، جنهن دوران ‘عبدالڪريم پليءَ جي شاعريءَ جو جائزو’ جي عنوان سان مقالو (مونوگراف) لکيائين، جنهن جو نگران ڊاڪٽر غلام علي الانا هو ۽ 2004ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘ٿر جي لوڪ ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو’ جي موضوع تي ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين، جنهن جو نگران ڊاڪٽر نواز علي شوق هو. پيشواراڻي زندگيءَ جو آغاز تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڪيائين ۽ ڪميشن جي امتحان تحت اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو.هن وقت پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي، عبدالحق ڪئمپس ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمئن طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌي شعبي جي ٽماهي جرنل ‘ڪارونجهر’ جو ايڊيٽر آهي. پاڻ ان حيثيت ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان ڪانفرنسون بہ منعقد ڪرايائين. ڪانفرنسن جي موقعي تي پڙهيل مقالن جو مجموعو پڻ ايڊٽ ڪري ڇپايو اٿس. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سندس تحقيقي مقالا ۽ ٻيون لکڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ علمي توڙي ادبي رسالن ۾ مسلسل ڇپجنديون رهيون آهن، جن ۾ روزاني عبرت، ڪاوش، سنڌ، ماهوار نئين زندگي ۽ پندرنهن روزہ عبرت مئگزين وغيرہ شامل آهن. عنايت حسين لغاري اردو روڊ، ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.01.16  عيسوي

ڊاڪٽرعنايت حسين لغاري ولد مولابخش جو جنم 16 جنوري 1967ع تي ڳوٺ دودو خان لغاري، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائو در محمد ٻرڙو
پير پاڳارا خاندان
حميد عظيم آبادي
زين العابدين شيخ
راڄو ليکي
فھميدہ رياض
احمد فقير سمو
ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر
پٺاڻ آغا طارق
در محمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون