عمر بن عبدالعزيز

عمر بن عبدالعزيز: بني اميه جي دور جو اٺون خليفو بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز (717ع- 719ع) بن مروان پنھنجي دور جو نهايت صالح ۽ عادل خليفو هو. جيڪو پنھنجي عدل، انصاف، سادگي، نيڪي ۽ تقويٰ جي ڪري ‘خامس خلفاءِ راشدين’ (خلفاءِ راشدين ۾ پنجون خليفو) شمار ٿيندو هو. هن جي ولادت ڪربلا جي واقعي واري سال سن 61ھہ/ 681ع تي مديني منوره ۾ ٿي. سندس والد جو نالو عبدالعزيز هو، جو خليفي عبدالملڪ جو ڀاءُ هو. عبدالعزيز مصر جو حاڪم رهيو. پاڻ عدل ۽ انصاف وارو حڪمران ٿي گذريو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جي زندگيءَ جو چڱو خاصو عرصو مديني ۾ بسر ٿيو. عبدالعزيز هن کي مصر مان مديني انهيءَ ڪري موڪليو تہ جيئن هو مديني جهڙي پاڪ شھر ۾ سٺي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري. هي پنھنجي پيءُ عبدالعزيز جي وفات (85ھہ/ 704ع) تائين مديني ۾ ئي رهيو. والد جي وفات کانپوءِ کيس سندس چاچو بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان دمشق وٺي ويو، جتي هن فاطمہ نالي پنھنجي نياڻيءَ جي شادي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز سان ڪرائي، يعني بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، عبدالملڪ جو ڀائٽيو هجڻ سان گڏوگڏ ناٺي بہ ٿي ويو.
خليفي عمر جي والد عبدالعزيز پنھنجي زندگيءَ ۾ هن جي تعليم ڏانهن خاص توجھہ ڏنو ۽ مشھور عالم ۽ محدث صالح بن ابي ڪيسان کي سندس اتاليق مقرر ڪيائين. هي حافظ قرآن پڻ هو. ربيع الاول 87ھہ/ فيبروري 706ع ۾ خليفي وليد اول هن کي حجاز جو گورنر مقرر ڪيو ۽ هو ٻيهر مديني ۾ مقيم ٿي ويو. ٻين گورنرن وانگر هي ظلم ۽ زيادتيءَ جي سخت خلاف هو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز گورنر ٿيندي ئي مديني جي ڏھہ متقي ۽ حديث جي علم جي ماهرن جي مجلس شوريٰ جوڙي، جنهن ۾ هي هر هڪ اهم فيصلي ۽ معاملي ۾ مشورو ڪندا هئا. ان مجلس کي ‘اهل الراءِ فقيهن’ جي جماعت بہ سڏيو ويندو هو. هن سڀني گورنرن کي ظلم ۽ زيادتيءَ کان خاص منع ڪئي ۽ کلم کلا اهو اعلان ڪرايو
ته، جيڪڏهن رعيت مان ڪنهن سان ظلم ۽ ڏاڍ ٿي ٿيو ته، اهو حاڪم (بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز) کي آگاھہ ڪري تہ جيئن انهن عام ماڻهن تي ظلم ڪندڙ سرڪاري ڪارندن کي سزا ڏني وڃي.
خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز پنھنجي دور ۾ رعيت جي فلاح ۽ بھبود ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي. هن جي رحمدلي ۽ انصاف پسنديءَ جي ڪري رعيت کيس مهان شخصيت تصور ڪرڻ لڳي ۽ هي عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. ڪوفي جي حاڪم حجاج بن يوسف کي ظالم هجڻ جي ڪري بلڪل پسند نہ ڪندو هو. جڏهن پاڻ مديني جو گورنر هو، تڏهن حجاج جي ستايل ماڻهن مديني ۾ اچي پناھہ ورتي. ڪتاب ‘تاريخ تازہ نواءِ معارڪ’ جي حاشيي ۾ نياز همايوني لکي ٿو ته، “خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز کان روايت آهي تہ دنيا جي سڀني ظالمن کي ترازوءَ جي هڪ پاسي ۽ حجاج بن يوسف کي ٻئي پاسي تي رکيو وڃي، تہ بہ حجاج بن يوسف جو پاسو ڳرو ٿيندو.”
ڪجهہ عرصي بعد سليمان بن عبدالملڪ هن کي پنهنجو ولي عھد نامزد ڪيو. سن 99ھہ/ 717 ع ۾ جڏهن سليمان بن عبدالملڪ وفات ڪئي، تڏهن مشھور عالم ۽ فقيھ رجاءِ بن حيوة بنو اميه وارن کي مسجد ۾ جمع ڪري ڪنهن شخص جو نالو ٻڌائڻ کان سواءِ اعلان ڪيو ته، خليفي سليمان پنھنجي وصيت ۾ جنهن کي پنهنجو ولي عھد نامزد ڪيو آهي، ان جي بيعت ڪرڻ کپي. جڏهن ماڻهن بيعت ڪري ڇڏي تہ رجاءِ ٻڌايو تہ خليفو سليمان وفات ڪري چڪو آهي، ۽ هن پنهنجو ولي عھد بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز کي نامزد ڪيو آهي. انهيءَ تي ٿورو گهڻو اختلاف ٿيو، پر آخرڪار بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز خليفو بنجي ويو.
خليفي جي حيثيت سان بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جو مقام بلڪل منفرد آهي، ڇو تہ هو پنھنجي اموي خليفن کان مختلف هو. هن جي طبيعت ۾ خدا جو خوف ۽ تقويٰ غالب هئي. هن کي ان ڳالھہ جو بہ شديد احساس هو تہ هو خدا جي آڏو جوابده آهي. هن جي خلافت جو دور تقريباً اڍائي سال رهيو، جيڪو فوجي ڪارنامن جي لحاظ کان زياده نمايان نہ هو. هن خليفي جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ غير مسلمن کي تبليغ، وعظ ۽ نصيحت ذريعي دعوت ڏئي مسلمان ڪجي. هن جي انهيءَ اخلاق سبب ڪيترائي غير مسلم ايمان آڻي مسلمان ٿيا.
عمر بن عبدالعزيز جي گهڻي دلچسپي رياست جي اندروني معاملن ۾ هئي. هر سرڪاري ڪارندي تي هن جي نظر هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي، جو هن مصر ۽ خراسان جي ظالم گورنرن جي تبديليءَ جو حڪم ڏنو. هن جو اهم ڪردار اهو بہ هو، تہ هن شام جي مسجدن ۾
امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام کي برو ڀلو چوڻ واري رسم جو خاتمو آندو. هڪ متقي مسلمان هجڻ جي حيثيت سان هن ٻين مذهبن وارن سان رواداريءَ جو سلوڪ رکيو. عيسائين، يهودين ۽ مجوسين کي اها اجازت هئي تہ هو پنھنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪن. هن جي دور ۾ دمشق ۾ خليفي وليد عيسائين جي ڪليسا کي ڊاهي ان جي ايراضيءَ کي ‘جامع اموي’ مسجد ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جڏهن عيسائين ان ڳالھہ جي شڪايت خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز کي ڏني تہ هڪدم هن دمشق جي گورنر کي فرمان جاري ڪري حڪم ڏنو تہ عيسائين جو جيڪو رقبو مسجد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اهو انهن کي واپس ڪيو وڃي. هن جي انهي انصاف پسندي ۽ ايمانداريءَ سبب عوام هن کي وڏي عزت جي نگاھہ سان ڏسندو هو. هن پنھنجي دور ۾ اڳين حاڪمن ۽ خليفن جي ڪيل ظلمن جي خاتمي ۽ ظلم هيٺ آيل انسانن کي انصاف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز ويهن ڏينهن جي علالت کانپوءِ رجب 101 ھہ/ جنوري 720ع ۾ رحلت ڪئي ۽ حلب جي ويجهو دير سمعان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جو جاءِ نشين يزيد ثاني بن عبدالملڪ مقرر ٿيو. هي متقي، پرهيزگار ۽ محدثن جي صحبت جو شيدائي هو. علم حديث ۾ کيس هڪ مستند عالم سمجهيو ويندو هو. عباسي دور ۾ فقط هن اموي خليفي جي مدح ۽ ثنا ڪئي ويندي هئي. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن ابوالعباس اموي دور جو خاتمو آڻي بنو عباس جي حڪومت جو پايو وڌو تہ هن سڀ کان پهرين سڀني بنو اميه جي خليفن جون قبرون کوٽائي انهن جي هڏن کي ساڙائي ڇڏيو. پر بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جي قبر کي هٿ بہ نہ لڳايو ويو.


لفظ عمر بن عبدالعزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو