عمر بن خطاب رضي ﷲ عنه

عمر بن خطاب رضي عنه (579-644ع): مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفہ راشد. حضرت عمر، سندن نسب جو سلسلو هن ريت آهي: عمر بن خطاب بن نفيل بن عبدالعزيٰ بن رياح بن عبدالله بن قرط بن زراح بن عدي بن ڪعب بن لوي بن فھر بن مالڪ. عدي وٽ اچي سندن سلسلو نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن سان ملي ٿو. حضرت عمر فاروق رضہ جو ڏاڏو نفيل بن عبدالعزيٰ موروثي طور تي پنھنجي قوم ۾ عالي مرتبہ شخصيت جو مالڪ هو. قريش خاندان جا فيصلا خود ئي ڪندو هو. حضرت عمر فاروق رضہ جو والد خطاب پڻ قريش جي چونڊ شخصيتن مان هو.
حضرت عمر فاروق رضہ جي ولادت مشھور روايتن موجب هجرت نبويءَ کان چاليھہ سال پهرين ٿي هئي. جوانيءَ جي شروعات ۾ ئي پاڻ معمول مطابق تعليم شروع ڪئي. ان وقت تعليم ۾ نسب جي ڄاڻ، شهسواري، سپاھہ گري (فوجي تربيت)، پهلواني ۽ تقرير جو فن هو. حضرت عمر فاروق انهن ۾ ڪمال حاصل ڪيو. شاعريءَ جو شوق بہ عمدو رکندا هئا، عڪاظ جي ميلن ۾ بہ شريڪ ٿيندا هئا.
علوم ۽ فنون کان فارغ ٿي پاڻ عربن جي دستور موجب واپار کي پنھنجي معاش جو ذريعو ٺاهيائون. ان سلسلي ۾ سندن ڏورانهن مُلڪن ۽ علائقن تائين وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري کين وڏن وڏن ماڻهن سان ملڻ جُلڻ جو موقعو مليو. سفر جي ڪثرت سبب حضرت عمر فاروق کي خودداري، بلند حوصلو، تجربو ۽ معاملات جي ڄاڻ جهڙيون وصفون اسلام آڻڻ کان اڳ ۾ ئي حاصل ٿي چڪيون هيون. سندن بلند خوبين جي ڪري قريشن کين سفارت جو منصب سونپيو هو، جيڪو وڏو اهم منصب هو. جڏهن پاڻ سڳورن اعلان نبوت فرمايو تہ حضرت عمر فاروق رضہ ان وقت 27 سالن جو هو. ان جي گهراڻي مان سندس ڀيڻويو سعيد سڀني کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو. ان کان پوءِ سندس ڀيڻ فاطمہ مسلمان ٿي ۽ هڪ ٻانهي لبينه بہ اسلام قبولي ورتو. اها خبر جڏهن عمر فاروق کي پئي، تڏهن هي مڙس مٿير ڪاوڙجي پيو ۽ اسلام قبول ڪندڙن جو جاني دشمن ٿي پيو. عرب وارا اسلام جي وڌندڙ ترقيءَ ۽ اهلِ اسلام جي ثابت قدميءَ کان گهڻائي خوف ۾ ورتل هئا. سو انهن فيصلو ڪيو تہ پيغمبر اسلام جو کڻي قصو پورو ڪجي. ان لاءِ ڪو بہ شخص تيار نہ ٿيو، پر ڪاوڙيل عمر انهيءَ ڪم لاءِ تيار ٿي ويو. ٻئي طرف حضور نبي ڪريم صہ جن تعاليٰ کان دعا گهري تہ يا ﷲ! اسلام کي وڌيڪ مضبوط فرماءِ عمر بن خطاب سان يا ابوجهل سان. هوڏانهن عمر فاروق پنھنجي ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ تلوار کڻي رسول صہ جن ڏانهن نڪتو. رستي ۾ نعيم بن عبدالله مليس. عمر کي ڪاوڙيل ڏسي چيائينس تہ خير تہ آهي، ڪيڏانهن جو ارادو آهي؟ عمر فاروق چيو (حضرت) محمد (صلي عليہ وسلم) جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. نعيم چيس تہ پهريائين پنھنجي گهر جي خبر تہ وٺ، جو تنهنجو ڀيڻويو سعيد رضہ ۽ تنھنجي ڀيڻ فاطمہ ٻئي زال مڙس مسلمان ٿي ويا آهن. اهو ٻُڌي موٽيو ۽ سڌو ئي ڀيڻ جي گهر پهتو تہ سندس ڀيڻ قرآن پڙهي رهي هئي. وڃڻ سان ٻنهي کي چيائين تہ ٻڌو اٿم تہ توهان ٻئي پنھنجي اصلي دين کان ڦري ويا آهيو. ٻنهي چيو هائو. هي پنھنجي ڀيڻويي سعيد سان وڙهڻ شروع ٿي ويو ۽ رتورت ڪري ڇڏيائينس ۽ وري ڀيڻ سان بہ وڙهڻ لڳو. ٻنهي چيو اي عمر! ڇا بہ ڪري وجهين اسان اسلام کان ڪونه ڦرنداسون. جڏهن ٿورو ٿڌو ٿيو تہ چيائين، جيڪو پڙهيو اٿوَ سو تہ ٻڌايو، تہ انهن قرآن پڙهيو تہ هن جي دل پاڻي پاڻي ٿي ويئي ۽ چيائين تہ هاڻي مون کي حضور پاڪ جي خدمت ۾ وٺي هلو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن پاڻ ڪريم صہ حضرت ارقم رضہ جي گهر ۾ ٻين مسلمانن سان رهندا هئا. حضرت عمر رضہ اتي پهچي اسلام پاڪ سان مشرف ٿيو. حضرت عمر رضہ جي اسلام قبول ڪرڻ سان مسلمانن کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ انهن اڪبر جا نعرا ايڏا زور سان هنيا، جو انهن جو پڙلاءُ پهاڙين تائين پهتو. مسلمان جيڪي اڳ لڪي عبادت ڪندا هئا، هاڻ سرعام ڪعبه شريف ۾ نمازون پڙهڻ لڳا. اسلام جي انهيءَ ترقي ۽ واڌاري سبب قريشن جي مسلمانن خلاف ڏمر ۽ ظلم ۾ بہ اضافو ٿيو ۽ انهن مسلمانن مٿان ظلمن جو دائرو وڌائي ڇڏيو. ظلم جي حد جڏهن وڌي ويئي، تڏهن مسلمانن کي هجرت جو حڪم ٿيو. سڀ ماڻهو آهستي آهستي مديني شريف وڃڻ لڳا. ڇو تہ مديني جا ڪجهہ معزز اڳ ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ حضرت محمد ڪريم صہ جن کي مديني اچڻ جي دعوت ڏيئي چڪا هئا. بخاري شريف جي روايت مطابق حضرت عمر فاروق رضہ ويهن ساٿين سان علي الاعلان هجرت ڪئي. قريش مان ڪنهن کي حضرت عمر سان الجهڻ جي همت نہ ٿي. مديني شريف پهچڻ کان پوءِ پاڻ ڪريمن صہ جن حضرت عمر فاروق رضہ جي مديني جي قبيلي بنو سالم جي سردار حضرت عتبان رضہ سان مواخات (ڀائپي) ڪرائي ڇڏي. مديني شريف پهچڻ کان پوءِ ڪجهہ اطمينان نصيب ٿيو تہ اسلام جي فرضن ۽ رڪنن ۽ انهن جي ادائيگيءَ جي طريقي مقرر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. تان جو نماز جي سڏڻ لاءِ آذان (ٻانگ) جو طريقو حضرت عمر فاروق رضہ جي تجويز سان رائج ٿيو. حضرت عمر فاروق رضہ کي حضور نبي ڪريم صہ جن سان نهايت قربت حاصل هئي. پاڻ ڪريمن ڪيترائي ڀيرا کين اسلامي فوج جو سربراھہ بہ مقرر ڪيو. مڪي شريف جي فتح جي موقعي تي مردن جي بيعت حضور پاڪ صہ جن پاڻ ورتي، پر عورتن جي بيعت لاءِ حضرت عمر فاروق کي مقرر فرمايائون.
حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ کان پوءِ مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفو حضرت عمر فاروق رضہ مقرر ٿيو. پاڻ خليفي ٿيڻ سان ئي مسلمانن کي جهاد لاءِ اڀاريائون ۽ عظيم فتحن حاصل ڪرڻ لاءِ فوج تيار ڪئي. تان جو ايران جي عظيم الشان فتح سان گڏ شام، مصر، فسطاط، سڪندريه ۽ طرابلس وغيرہ جون فتحون حضرت عمر فاروق رضہ جي دور خلافت ۾ حاصل ٿيون.
حضرت عمر فاروق رضہ جي شهادت جو واقعو بہ دل ڏکوئيندڙ آهي. هڪ لڱان مغيره بن شعبه جا پارسي (ايراني) غلام ابو لولو ‘فيروز’ حضرت عمر عادل وٽ اچي دانهن ڏني تہ منهنجو مالڪ مون کان تمام ڳرو ٽيڪس ٿو وٺي. پاڻ پڇيائون تہ ڪيترو ٿو وٺي؟ هن چيو ٻہ درهم هر روز. پاڻ پڇيائون ڪم ڪهڙو ٿو ڪرين؟ چيائين لوهارڪو، واچڪو ۽ نقش نگاريءَ جو. پاڻ چيائونس تہ: “انهن ڌنڌن جي مقابلي ۾ اها رقم وڌيڪ ناهي.” اهو فيصلو ٻڌي هي ڪاوڙجي هليو ويو. ٻئي ڏينهن 27 ذوالحج 23ھہ/ 7 نومبر 644ع تي صبح جي نماز جي وقت خنجر کڻي مسجد ۾ آيو ۽ حضرت عمر رضہ تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري وڌائين. ماڻهن هن کي پڪڙيو تہ هن پاڻ آپ گهات ڪري ڇڏيو. حضرت عمر فاروق کي جڏهن کڻي آيا تہ پاڻ پڇيائون تہ منهنجو قاتل ڪير آهي؟ ٻڌايائون تہ “فيروز”. حضرت عمر فاروق فرمايو: “اَلحَمدُللهِ! منهنجو قاتل مسلمان ناهي”. زخم نهايت گَهرو هو، بچڻ جي اميد نہ هئي. پاڻ پهرين محرم الحرام 24 ھہ/ 10 نومبر 644ع تي وصال فرمايائون. وصيت مطابق حضرت صهيب رومي رضہ نماز جنازه پڙهائي ۽ حضور آقاءِ نامدار صہ جن جي پاسي ۾ دفنايا ويا. سندس خلافت جي مدت ساڍا ڏھہ سال هئي.
حضرت امير المؤمنين فاروق اِعظم عمر بن خطاب رضہ جي لڳ ڀڳ ساڍن ڏهن سالن جي مدت خلافت ۾ ايران ۽ روم جون عظيم سلطنتون مسلمانن فتح ڪري ورتيون هيون. هندستان جي سرحد کان وٺي اتر آفريقا تائين اسلام جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ۽ انهن سمورين فتحن جي ڪوشش ۾ ڪٿي بہ اهڙو واقعو پيش نہ آيو، جنهن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو عنوان ڏيئي سگهجي. بلاشڪ سڪندر، چنگيز ۽ تيمور زمانو قدمن هيٺان ڪيو، مگر ان سان گڏ انهن ظلم ۽ بربريت جا داستان بہ ڇڏيا. ليڪن جنهن قانون جي پابنديءَ سان حضرت امير عمر رضہ جي قيادت ۾ ايران ۽ روم فتح ٿيا. انهي احتياط سان ڪو بہ حڪمران دنيا جو هڪ چپو بہ فتح نہ ٿو ڪري سگهي. سندن عھد جي فتحن ۾ ناحق خون جو هڪ قطرو بہ ڪٿي نہ وهايو ويو. سندن حڪم هو تہ سرسبز فصلن، ڦلاريل باغن ۽ وڻن کي نہ وڍيو وڃي، پوڙهن، ٻارن ۽ عورتن تي هرگز تلوار نہ کنئين وڃي.
انهن فتحن کان سواءِ حضرت فاروقِ اعظم رضہ جو هي بہ هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جو ان مذهبي بنيادن تي اهڙو آئينِ حڪومت ترتيب ڏنو ۽ اهڙو عادلانه نظام قائم ڪيو، جيڪو مسلمانن جي ترقي ۽ ارتقا جو ضامن هو. اسلام جو نظام شوريٰ تي آهي ۽ حضرت امير عمر رضہ پنھنجي مڪمل ڪوشش سان ان کي رائج ڪيو.
حضرت فاروق اِعظم رضہ جي خلافت جو دور مسلمانن جي طرز حڪومت جو بنيادي خاڪو هو. جنهن ۾ امن امان کي ترجيح ڏني ويئي، ان لاءِ پاڻ پوليس جو نظام قائم ڪيائون ۽ ڏوهارين لاءِ جيلن جو قيام عمل ۾ آندائون. محصول جي اوڳاڙي، مختلف آمدنين جو حساب ڪتاب، آبپاشيءَ جو نظام، بيت المال جي وسعت، فوج جي هڪ باقاعدہ صورت ۽ منظم شڪل ۽ ان جو سمورو عسڪري انتظام، تعليم جو شعبو قائم ڪرڻ ۽ ٻيون حڪومت جون گهربل بنيادي ذميواريون ۽ فرض جيڪي ٿي سگهيون ٿي، عهدِ فاروقيءَ ۾ انهن جو احساس ۽ انتظام ڪيو ويو.
قرآن مجيد ۽ حديث وسنت جي علمن جي واڌويجهہ جو باقاعدہ اهتمام بہ سندن دور ۾ ڪيو ويو.
بنا شڪ جي چئي ٿو سگهجي تہ حضرت عمر رضہ جي خلافت جو دور اصل ۾ اسلامي طرزِ حڪومت ۽ نظامِ حيات جو صحيح معاشرتي خاڪو آهي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)


هن صفحي کي شيئر ڪريو