مخدوم ميان علي گوهر صديقي

مخدوم ميان علي گوهر صديقي

علي گوهر صديقي مخدوم

علي گوهر صديقي، مخدوم: مفتي ۽ عالم، مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي، 11 آگسٽ 1909ع تي مخدوم ميان نصرالله صديقيءَ جي گهر، پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس نانو مخدوم حسن ﷲ صديقي پاٽائي پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. جڏهن تہ سندس والدہ ماجده پڻ عالمه، فاضله ۽ پرهيزگار عورت هئي. سندن خاندان جا وڏا سنڌيءَ سـان گـڏ فـارسـيءَ ۽ عـربـيءَ ۾ مهارت رکندا هئا. جنهن سبب اهي ٻوليون هن کي گهر ۾ ئي سکڻ جو موقعو مليو ۽ اهڙي علمي ماحول ۾ سندس بھترين تربيت ٿي. کيس ديني علمن تي وڏي ڄاڻ هوندي هئي، پري پري جا وڏا عالم پڻ وٽس اچي ديني مسئلن تي ڄاڻ وٺندا هئا. پاڻ ڪيترن ئي الجهيل مسئلن تي دين جي روشنيءَ ۾ فتوائون ڏنائين، جيڪي اڄ جي عالمن لاءِ روشن راھہ آهن. مخدوم صاحب جي مولانا دين محمد وفائي، مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ سان خاص صحبت هوندي هئي. سندس تحريرن ۾ ‘فقهي سوالن جا جواب’، ‘انساب مشائخ سيوستان’ جو سنڌي ترجمو، ‘نورالعينين في اثبات علم الغيب السيد الثقلين’ جو سنڌي ترجمو شامل آهن.
مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي، 11 ڊسمبر 1972ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ پاٽ جي تاريخي قبرستان جي اولھہ واري مسجد جي احاطي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.08.11  عيسوي

مفتي ۽ عالم، مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي، 11 آگسٽ 1909ع تي مخدوم ميان نصرالله صديقيءَ جي گهر، پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1972.12.11  عيسوي

مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي، 11 ڊسمبر 1972ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه پاٽ جي تاريخي قبرستان جي اولهه واري مسجد جي احاطي ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
رشدالله شاھہ راشدي علامہ
شريف المجاهد پروفيسر
ٿرائي ميون محمد مبين
شاھہ ولي ﷲ دهلوي
عبدالستار قادري نقشبندي
شيخ فخرالدين ڪبير
اصطخرِي
عبدالرحمان جمالي مولانا
حسن شاھہ جيلاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون