علي گل ڪلهوڙو

علي گل ڪلهوڙو: راڳي علي گل ڪلهوڙو ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقو ميرپورماٿيلو، ضلعي گهوٽڪي جو ويٺل هو. سندس پيءُ جو نالو محمد غوثل هو. پاڻ پنھنجي ڳوٺ ماڪن ڪوريءَ ۾ سال 1934ع ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا ان وقت جي مشھور يڪتاري جي ڳائڻي گلڻ فقير مھر کان ورتائين ۽ ساڻس گڏجي مقامي درگاهن ۽ ميلن ۾ ڳائڻ لڳو. اڳتي هلي هن حيدرآباد ريڊيو تي بہ ڳايو. آواز ڏاڍو سريلو هئس سنڌ جي يڪتاري ۽ چپڙي جي بادشاھہ فنڪار جلال چانڊئي سان شادين مرادين توڙي عام محفلن ۾ هارمونيم تي سنگت ڪندو هو. پاڻ پنھنجي استاد گلڻ فقير مھر جي نسبت سان مھر سڏائيندو هو. هن 31 جنوري 1980ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان پير عبدالصمد بخاري ڳوٺ ماڪن ڪوري ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ علي گل ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو