علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار

علي ڏنو جروار: شاعر، ڪالم نويس ۽ استاد علي ڏنو ولد آدم خان جروار 15 جنوري 1966ع تي، ڳوٺ داد جروار، تعلقي چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، جڏهن تہ ايم. اي (معاشيات) ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيون. جون 1987ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڊيوٽي انجام ڏني. 1984ع کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1983ع ۽ 1986ع واري آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حصو ورتو. استادن جي نمائنده جماعت آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن ۾ مختلف وقتن تي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ وائيس چيئرمئن پڻ رهيو. جتي قادر بخش طالباڻي، محمد رفيق جروار ۽ انتظار حسين ڇلگري سندس اڳواڻ رهيا. هڪ ماهر استاد جي حيثيت سان، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب ۽ نظرثاني ڪميٽين جو 2003ع کان ميمبررھيو سندس لکيل ڪجهہ سبق نصابي ڪتابن ۾ پڻ شامل آهن. 1999ع کان جز وقتي طور صحافتي شعبي ۾ رهندي ’الک‘، ’سنڌ‘، ’مھراڻ‘ ۽ ’ڪاوش‘ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ان کانسواءِ ڪيترو ئي وقت ’عبرت‘ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. ادبي ڪمن جي مڃتا طور کيس ’صوفي فائونڊيشن‘ ڀٽ شاھہ ۽ ’علم ادب اڪيڊمي‘ ٽنڊي محمد خان پاران اوارڊ ملي چڪا آهن. علي ڏني جروار 10 جنوري 2026غ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.15  عيسوي

شاعر، ڪالم نويس ۽ استاد علي ڏنو ولد آدم خان جروار 15 جنوري 1966ع تي، ڳوٺ داد جروار، تعلقي چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد تقي بخاري
پاپائيت
اثر سنڌي
علياڻي محمد ڄام
قاضي محمد صادق مورائي حڪيم
ارباب فيض محمد
ايڇ ڊبليو پريڊي
پريمچند ڪيولرام شھاڻي
جمال الدين بخاري ڪامريڊ
شاھہ پور اعظم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون