ڏاهري، علي نواز

ڏاهري، علي نواز

علي نواز ڏاهري

علي نواز ڏاهري : شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاهري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ايم.اي آهي. 1983ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس شاعري توڙي نثري لکڻيون ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو 1980ع کان ميمبر آهي. عملي زندگيءَ ۾ واپڊا ۾ ملازمت آهي. کيس نوابشاھہ ۾ حمل فقير صدسالا جشن جي موقعي تي ’حمل فقير اوارڊ‘ ملي چڪو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جو هڪ شعري مجموعو ’ڪينجهر مٿي چنڊ‘ 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.03.01  عيسوي

شاعر ۽ اديب نواز ڏاهريءَ جو پورو نالو علي نواز ولد محمد بچل ڏاهري آهي. هن پهرين مارچ 1966ع تي ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارس رياض ملاح
گوورڌن ڀارتي
راشدي سيد محمد سليم شاھہ
خليفو نبي بخش لغاري
عالم شير گبول حاجي
سيد علي اڪبر شاھہ ثاني
عبيدالله عليم
عباسي نور محمد نور
مير صوبدار خان مير ٽالپر
ٻڍل فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون