
ميرعلي نواز علوي
علي نواز علوي، مير: مير علي نواز شاھہ علوي عرف حفظ ﷲ ولد مير فخر الدين علويءَ جو تعلق حاجي فقير ﷲ شاھہ علويءَ جي خاندان سان هو. حاجي ﷲ علوي'>فقير ﷲ علوي، مير علي نواز جو پڙ ڏاڏو هو، جنهن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سن 1832ع ڌاري جنم ورتو. هي اڃا ٽن سالن جو مس هو تہ سندس والد مير فخر الدين وفات ڪري ويو، تنهن ڪري سندس پالنا ۽ تربيت والدہ ڪئي. هن کي تعليم پرائڻ لاءِ سڀ کان پهرين حاجي فقير ﷲ شاھہ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ويهاريو ويو. ان کان پـوءِ وڌيـڪ تـعـليـم مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي، آخوند زادہ مولانا عبدالمجيد ڪاڪڙ ۽ مولانا احمد علي عرب کان حاصل ڪيائين. مير علي نواز طبي تعليم سيد علي اڪبر شاھہ لکوي کان حاصل ڪئي. ديني ۽ طبي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هزاريدر شڪارپور ۾ پنهنجو مطب قائم ڪيائين. ٿوري وقت ۾ سنڌ جي نامور حڪيمن ۾ شمار ٿيو. وٽس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علاوہ پنجاب، بلوچستان، ۽ افغاستان کان ڪيترائي لاعلاج مريض علاج لاءِ ايندا هئا. مير صاحب نامور حڪيم کان علاوہ اعليٰ پايي جو عالم، اديب ۽ شاعر هو. کيس عربي، فارسي، اردو ۽ مادري زبان سنڌيءَ تي ڪمال جي دسترس حاصل هئي. سندس مطالعو وسيع هو. وٽس پنھنجي ذاتي لائبريري هئي، جنهن ۾ هزارين نادر ۽ ناياب ڪتاب موجود هوندا هئا.سندس ڪتابن ۾ (1) ‘بشارة الاهل الاشارة’ (2) ‘الصارم الصلول علي منڪر علم غيب الرسول’ (3) ‘بياض علوي’ (حڪمت جو ڪتاب) ۽ (4) ‘ڪليات علوي’ شامل آهن. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان دلچسپي هئي. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. پاڻ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ بہ ڪافي ڪلام چيو اٿائين. سندس فارسي ڪلام ان وقت ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار فارسي اخبار ‘مفرح القلوب’ ۾ شايع ٿيندو هو. ان کان علاوہ ٽکڙ مان اسد ﷲ شاھہ فدا جي ادارت ۾ نڪرندڙ مشھور رسالي ‘بھار اخلاق’ ۾ بہ سندس ڪلام ڇپبو هو. سندس اوطاق تي هميشہ شاعراڻيون محفلون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. وٽس شڪارپور کان علاوہ سنڌ جي ٻين علائقن جا شاعر، اديب ڪچهري لاءِ ايندا رهندا هئا. سنڌ جي ڪيترن نامور شاعرن سان سندس دوستاڻا لاڳاپا هئا. مير علي نواز علويءَ جو ڪلام سندس دؤر ۾ گهڻو مشھور ۽ مقبول ٿيو. اهو نہ رڳو محفلن ۽ مجلسن ۾ ڳايو ويندو هو پر گفتگوءَ دوران ضرب المثل طور بہ ڪتب ايندو هو. سنڌ جي هن عالم، اديب، شاعر 5 فيبروري 1920ع تي وفات ڪئي.