علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ: سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شھر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن مڊل تائين تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ دوران شاگردن جي سياسي تنظيم ‘سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ’ فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن ٿيو. پوءِ يونٽ جو صدر ۽ ضلعي جو صدر پڻ رهيو. ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ ايم. آر. ڊي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيائين. جنهن دوران کيس جيل پڻ موڪليو ويو. ڦٽڪن جي سزا سان گڏ ڇھہ مهينا جيل ۾ بہ رکيو ويو. علي نواز تعليم مڪمل ڪرڻ بعد روزگار سانگي اسلام آباد ۾ رهيو. هي ڪجهہ وقت سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار پڻ رهيو. علي نواز چاچڙ جون شروع کان وٺي پ پ پ سان همدرديون رهيون آهن. شھيد بينظير ڀٽو سان نهايت ئي عقيدت رهي. پنھنجي علائقي لاءِ هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. هينئر ڪشمور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.09  عيسوي

سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شهر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابر بادشاھہ
دوست محمد خان مير
رجب علي جبو خان جيڻو
خواجہ خيرالدين
امير حيدر شاھہ
زاهده گوپانگ
رميش مهتا
روپا راڻي
ٿانور ڀٽي
اي اين جي عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون