علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ

علي نواز خان چاچڙ: سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شھر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن مڊل تائين تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ دوران شاگردن جي سياسي تنظيم ‘سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ’ فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن ٿيو. پوءِ يونٽ جو صدر ۽ ضلعي جو صدر پڻ رهيو. ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ ايم. آر. ڊي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيائين. جنهن دوران کيس جيل پڻ موڪليو ويو. ڦٽڪن جي سزا سان گڏ ڇھہ مهينا جيل ۾ بہ رکيو ويو. علي نواز تعليم مڪمل ڪرڻ بعد روزگار سانگي اسلام آباد ۾ رهيو. هي ڪجهہ وقت سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار پڻ رهيو. علي نواز چاچڙ جون شروع کان وٺي پ پ پ سان همدرديون رهيون آهن. شھيد بينظير ڀٽو سان نهايت ئي عقيدت رهي. پنھنجي علائقي لاءِ هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. هينئر ڪشمور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.09  عيسوي

سياستدان علي نواز خان ولد دل جان خان چاچڙ، 9 مارچ 1962ع تي شهر کاهي، تعلقي ڪشمور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبنم اداڪارہ
عباسي پنجل
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
استاد عبدالرشيد خان
سنت سُروپداس
حنيف صديقي
سنڀو مل هميراڻي
آگرو عبداللطيف
عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ لڪياري
سونو مل کنگهاراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون