
علي محمد ڪاڪيپوٽو
علي محمد ڪاڪيپوٽو: برصغير جو نامور عالم، محقق، اديب، شاعر، مدرس ۽ علامہ اقبال جو استاد علامہ علي محمد ولد بھادر خان ڪاڪيپوٽو 1900ع ڌاري ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽا، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم پنھنجي چاچي آخوند ميان غلام رسول کان ورتي. پوءِ ڳوٺ سنهڙي ۾ مولانا محمد ڪامل وٽ پڙهڻ ويٺو، جتان پوءِ ڳوٺ ٻيري چانڊئي ۾ غلام رسول وٽ شرح جامي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيا. ان بعد ڪور سليمان تعلقي قنبر ۾ مولانا عبدالڪريم ڪورائيءَ وٽ ڪيترو عرصو پڙهڻ بعد پنجاب ويو. جتي رياست بھاولپور ۾ ڪوٽ چينيءَ ۾ مولانا حبيب ﷲ وٽ ڪجهہ وقت رهي واپس سنڌ آيو ۽ پوءِ دارالعلوم ديوبند ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ وٽ تعليم مڪمل ڪري وڃي دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان حڪمت جي سند حاصل ڪيائين. ان بعد مشرقي علوم جي امتحانن لاءِ اورينٽل ڪاليج فتح پوري مان سَنَد حاصل ڪيائين. پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ طرفان اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ فيلو مقرر ٿيو.
علي محمد ڪاڪيپوٽو لاهور ۾ رهڻ دوران علامہ اقبال جو استاد بڻيو. علامہ اقبال کي قديم فلسفي تي يورپ ۾ ليڪچر ڏيڻو هو. جنهن لاءِ هن مولانا محمد شفيع (پرنسپال) کي ڪنهن جيد عالم لاءِ لکيو، جنهن علامہ ڪاڪيپوٽي کي انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيو. جيڪو روزانو علامہ اقبال ڏانهن ويندو هو. هن علامہ اقبال جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ پڻ ڪافي مدد ڪئي. جنهن بعد علامہ اقبال کيس پنهنجو استاد مڃيندي مڃتا جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو. علي محمد واپس سنڌ آيو ۽ لاڙڪاڻي جي ديني مدرسي ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ئي مدرسن ۾ صدر مدرس يا شيخ الحديث جي حيثيت ۾ ديني تعليم ڏيندو رهيو. جن ۾: ‘دارالسعادت’ گوڙي پهوڙ شڪارپور، علي شاھہ جو ڳوٺ، مدرسہ مظهر العلوم، کڏو ڪراچي، ڪنڌڪوٽ مارو ڪاڪيپوٽا ۽ شاھہ ولي ﷲ ڪاليج منصوره تعلقہ هالا قابل ذڪر آهن. عمر جي آخري حصي ۾ ڳوٺ واپس آيو ۽ درس تدريس سان گڏ حڪمت ڪرڻ لڳو.
مولانا علي محمد 1939ع ڌاري مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي پارٽي ‘سنڌ ساگر پارٽي’ جي اهم ڪارڪن ۽ اڳواڻ طور ڪم ڪيو ۽ مولانا صاحب جي تمام ويجهو رهيو. هيءُ جمعيت العلماءَ سنڌ ۾ پڻ اهم حيثيت ۾ رهيو ۽ 1944ع ۾ حيدرآباد قلعي ۾ قاري محمد طيب ديوبنديءَ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو تہ ان ۾ شريڪ ٿي وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. 1961ع ۾ جرمنيءَ جي مشھور محقق پروفيسر ايني ميري شمل ڳڙهي ياسين ۾ بدر الدين'>آغا بدر الدين درانيءَ جي جاءِ تي پير علي محمد سان ملي. سندن وچ ۾ عربيءَ ۾ سنڌي ادب تي گفتگو ٿي. هوءَ علامہ کان ايترو متاثر ٿي جو خط ۾ کيس پنهنجو استاد تسليم ڪيو اٿس. علامہ سنڌ جو پهريون نوجوان عالم هو، جنهن مولوي فاضل جو امتحان پاس ڪيو. پاڻ عربي ادب تي سَنَد جي حيثيت رکندڙ هو. عربي ادب ۽ قديم شاعرن تي سندس لکيل تحقيقي مقالا اورنٽيل ميگزين لاهور ۾ شايع ٿيا. هن پهرين مارچ 1967ع تي وفات ڪئي.