علي محمد ٻاگهلائي مولوي: مولوي علي محمد ولد حاجي ڀائي خان 1899ع ڌاري ٻاگهلي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ان وقت هيءُ ڳوٺ اهو گوني تعلقي ۾ هو، پوءِ ٽنڊو محمد خان ٿيو ۽ هينئر گولاڙچي تعلقي ۾ اچي ٿو. پاڻ شروعاتي تعليم کيبرن جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. فارسي تعليم ميي (باگراڻي) ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. عبدالعزيز باگراڻي سندس استاد هو. ان کانپوءِ جنھاڻ سومري جي مدرسي ۾ ڪريمان ۽ نام حق جي تعليم ورتائين. بندنامه، سڪندر نامہ ۽ صرف بہ اتي پڙهيو. جنھاڻ سومري جو مدرسو قديم وقت کان قائم آهي، جتي مشھور سياح ابن بطوطه بہ ويو هو. ان کانپوءِ هن سجاول لڳ آمريءَ جي مدرسي ۾ حاجي فتح علي کان تعليم ورتي، ڪنز ۽ قاضيه مالاڻي ۾ مولوي محمد موسيٰ وٽ پڙهيو. ان بعد لاڙ جي مشھور عالم حاجي حامد ﷲ کان سکپور ۾ نفسيه ميني، تفسير جلالين ۽ مشڪوات شريف جو علم سکيائين. ان کانپوءِ ٻڍي شھر ۾ مولوي محمد موسيٰ وٽ پڙهيو ۽ اتي ئي سندس دستاربندي ٿي. دستاربنديءَ بعد ٻاگهلي موٽي اچي مدرسو کوليائين، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي علمي ادبي خدمتون سر انجام ڏنيون. ’اسلامي ڳالهيون‘ 16 جلدن ۾ لکيائين. سندس هڪ بياض پڻ آهي. مولوي علي محمد ٻاگهلائي کي عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسي جا ناياب ڪتاب هئا. هن 1981ع ڌاري وفات ڪئي.