علي محمد شاهه عاجز

علي محمد شاهه عاجز

علي محمد شاھہ عاجز

علي محمد شاھہ ‘عاجز’: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سيد علي محمد شاھہ، 22 جنوري 1939ع تي سيد حاجي محمد حسن شاھہ جي گهر، چيل بند، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليمي قابليت عالم فاضل اٿس. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. کيس مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ گهڻو متاثر ڪيو، جنهن کان پوءِ باقاعدي شاعري لکڻ جو آغاز ڪيائين. اڳتي هلي ڪهاڻيون پڻ لکيائين. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي لهجي ۾ بہ غزل لکيا آهن، جيڪي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ‘گلستان عاجز’ 1990ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي مقبوليت کيس وڌيڪ حوصلو بخشيو. جنهن کانپوءِ ‘ارمغان عاجز’، ‘گلشن عاجز’، ‘شير اصغر’، ‘خطبه عاجز’ ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ‘نازو’ ڇپيا آهن. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ‘عاجز’ تخلص ڪتب آندو اٿس. ڪٿي ڪٿي پنهنجو نالو ‘علي محمد’ پڻ تخلص جي جاءِ تي ڪم آندو آهي. هن 17 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.01.22  عيسوي

شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سيد علي محمد شاهه، 22 جنوري 1939ع تي سيد حاجي محمد حسن شاهه جي گهر، چيل بند، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.


2018.02.17  عيسوي

سيد علي محمد شاهه 17 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي زمان شاھہ
راهي ڍولڻ
سرور ڪيريو
دانش اياز
خٽڪ اجمل
توت فقير
عاشق هالائي
صابر موچي
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
امير بخاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون