
علي محمد رونجهو
علي محمد رونجهو: مشھور چنگ نواز علي محمد ولد امير بخش رونجهو، 4 جنوري 1983ع تي ڳوٺ شيخ سومار ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ريڊيو ٽي. وي جو مشھور چنگ نواز فنڪار ٿي گذريو آهي. هن چنگ ساز جي ابتدائي سکيا پنھنجي والد کان ورتي. جنهن بعد پنھنجي فن جي ابتدا 1994ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٻارن جي مشھور پروگرام ‘ٻارن جي ٻاري’ کان ڪئي. هي پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن اسلام آباد ۾ لوڪ ورثا پروگرام ۽ ڀٽ شاھہ جي ميلي ۾ بہ پرفامنس ڪري داد حاصل ڪيو آهي. هن جو چنگ وڄائڻ جو انداز بنھہ ئي انوکو آهي. جڏهن بہ ڪنهن محفل ۾ چنگ وڄائڻ شروع ڪندو آهي تہ ويٺلن مٿان سحر طاري ٿي ويندو آهي. هن پنھنجي ڀاءُ فيروز رونجهي کي پڻ هن فن جي سکيا ڏني آهي. کيس مڃتا طور ڀٽ شاھہ ۽ قلندر لال شھباز جي ميلي تان سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهن.
1983.01.04 عيسوي
مشهور چنگ نواز علي محمد ولد امير بخش رونجهو، 4 جنوري 1983ع تي ڳوٺ شيخ سومار ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.