علي محمد بيگ، ميرزا

علي محمد بيگ، ميرزا

علي محمد بيگ ميرزا

علي محمد بيگ، ميرزا: ميرزا علي محمد بيگ ولد ميرزا قربان علي بيگ، 7 مئي 1898ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين، جو پنھنجي وقت جو بلند پايه شاعر، مذهبي عالم ۽ اديب هو. سنڌي تعليم موجودہ ڦليليءَ جي ڪناري تي اسڪول مان ۽ انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. حيدرآباد، بدين، ٽنڊي باگي ۽ هالا جي مختلف ڪورٽن ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. کيس ادبي ماحول مليو، جنهن سبب سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي ادب ڏانهن هو. شروع ۾ هن پنھنجي شاعريءَ کي اصلاح پنھنجي والد ميرزا قربان علي بيگ کان ڪرائي. بعد ۾ جڏهن نامور غزل گو شاعر مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي گورنمينٽ طرفان مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو تہ ميرزا کي خاص طور ان وقت جي ڪليڪٽر وٽ جڊيشل ڪلارڪ مقرر ڪيو. سانگيءَ جي ادبي محفلن کي ڏسي سندس طبيعت غزل گوئيءَ ڏي مائل ٿي ۽ غزل ۾ اصلاح سانگيءَ کان وٺڻ لڳو. سندس شادي پنھنجي سؤٽ ميرزا حسن علي بيگ جي ڌيءَ سان 1942ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس هڪ فرزند ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هن گاڏي کاتي ۾ آفيس کولي عرضي نويس جي حيثيت سان تقريباً چاليھہ سال ڪم ڪيو، جنهن ڪري سنڌ جي معزز خاندانن سان سندس ويجها واسطا ٿيا. سندس معلومات جو دائرو ڪافي وسيع هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ‘اخبار آفتاب’ حيدرآباد ۽ ‘اخبار سنڌ نيوز’ حيدرآباد ۾ جيڪي سندس يادگيريون شايع ٿيون آهن. اهي هڪ تاريخ جي حيثيت رکن ٿيون. هي پهرين جنوري 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.05.07  عيسوي

ميرزا علي محمد بيگ ولد ميرزا قربان علي بيگ، 7 مئي 1898ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


1980.01.01  عيسوي

ميرزا علي محمد بيگ پهرين جنوري 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجپال بولچند وسو مل
بشير احمد لغاري فقير
الياس ٿري
الھہ بخش جنجهڻ
چنيسر
خامنائي سيد علي حسيني
پيرزادو مولوي محمد معاذ
بابا بھار بخش خان
رسول بخش پليجو
پروانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون