علي رضا ڪٽپر

علي رضا ڪٽپر

علي رضا ڪٽپر

علي رضا ڪٽپر: مشھور اداڪار علي رضا ڪٽپر جو جنم، 30 آگسٽ 1978ع تي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم کان انٽر تائين تعليم مقامي طور حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بي. ايس ڪيائين. هن پنهنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو پي. ٽي. وي تان نشر ٿيو، جيڪو 1998ع ۾ شمشيرالحيدريءَ جو لکيل ‘پاڻ ئي پاڻ خيال’ هو. علي رضا جا ڪيترائي ڊراما پي. ٽي. وي سميت ڪي. ٽي. اين ۽ ٻين سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيندڙ سيريل ۾ بالي، پارس، خالي هٿ، ڏهاڳڻ، ڪنوار، سوپ سيريل ‘اعتبار’ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. علي رضا اردو ڊرامن ۾ به اداڪاري ڪئي آهي. سندس اداڪاريءَ ۾ ڪيترائي ڊراما اي. آر. واءِ ۽ انڊس ٽي. وي تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن 2014ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامي ‘هي شادي نه ٿيندي’ ۽ ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيندڙ زيب سنڌيءَ جي هڪ ٽيلي فلم ‘حيدرآباد 47 ڪلوميٽر’ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. هي هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ علي رضا ڪٽپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.08.30  عيسوي

مشھور اداڪار علي رضا ڪٽپر جو جنم، 30 آگسٽ 1978ع تي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم نمڪين
ابراهيم بن اڌم بلخي
جمال الدين مؤمن
اليعقوبي
علي شير بن مير محمد زڪريا سيد
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
عمراڻي فضل محمد پروفيسر
ابنِ اسحاق
شاهه قاسم بيگلار1
جهانگيرعباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون