سهتو، علي رضا قاضي

سهتو، علي رضا قاضي

علي رضا سھتو قاضي

علي رضا سهتو، قاضي : قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نامياري تعليمدان استاد دين محمد سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم مٺياڻي ۽ نوشهري فيروز مان حاصل ڪرڻ بعد شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين. 2001ع کان 2006ع تائين صحافت سان لاڳاپيل رهيو، مختلف سنڌي روزاني اخبارن: ’تعمير سنڌ‘، ’سنڌ‘، ’هلچل‘، ’شام‘، ’ڪوشش‘ ۽ ’پاڪ‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل پيج جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين، سندس ٻہ سؤ جي لڳ ڀڳ مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. سندس پهريون ڪتاب ساهتي پرڳڻي جي مشھور سماجي شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پنهور تي لکيل تاثراتي خاڪن جي ڪتاب ’ساهتيءَ جو اڻملھہ هيرو‘ آهي، جيڪو 2008ع ۾ گل پنهور پبليڪيشن ڳوٺ گل محمد پنهور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. 2012ع ۾ ساهتيءَ جي تاريخي شـﮬـر ٺاروشاه تي لکيل دستاويزي ڪتاب: ’ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر‘ لکيائين؛ جيڪو ’علي پبليڪيشن ٺاروشاه‘ طرفان پڌرو ٿيو. ان کان سواءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري جي سالياني مخزن ’ساهتيءَ‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس؛ جنهن جا ٻہ ساليانه شمارا نڪري چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.04.14  عيسوي

قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نامياري تعليمدان استاد دين محمد سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاريه بن قدام رضي الله عنه
گلشن سنڌو
استاد محمد خان ڏيڌڙو
سمه بن ديوائچ
چانڊيو غلام عباس
فاطمہ زهريٰ قاضي
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
منور علي سومرو
ڪامريڊ علي محمد جمالي
احمد شاھہ ذاڪري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون