علي بن راڻو مقام: اسلامي دور جو هي قبرستان تعلقي ميرپور ساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هي قبرستان ‘علي بن راڻو ارجن واريون روميون’ نالي سان ديھہ ڍونڍي، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ ڌاراجا ڪوٽ جي اولھہ ۾ آهي. هن قبرستان ۾ پٿر جون سهڻيون اُڪريل قبرون آهن جن تي سھڻي چٽسالي ٿيل آهي ۽ هڪ روميءَ تي ڪاتب علي بن رانا ارجن 1203ھہ/1788ع جو نالو اڪيريل آهي.