علي آباد امام بارگاھہ

علي آباد امام بارگاھہ: علي آباد نالي سان امام بارگاھہ حيدرآباد جي قديم امام بارگاهن مان هڪ آهي. علي آباد جو بنياد سنڌي مرثيہ گوئيءَ جي باني سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي شاگرد رشيد ميرزا مراد علي بيگ سائل جي پٽ ميرزا فتح علي بيگ 1863ع ۾ رکيو. ميرزا فتح علي بيگ حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا واري قديم علمي ادبي پاڙي ۾ زمين خريد ڪري پنھنجي رهائشگاھہ ۽ امام بارگاھہ علي آباد تعمير ڪرايا. 1863ع ۾ ميرزا فتح جي تعمير ڪرايل علي آباد واري پِڙ جي خستہ حالت ٿيڻ کانپوءِ ازسرنوُ 1925ع ۾ سندس پوٽي سلطان الذاڪرين ميرزا امام علي بيگ علي، علي آباد تعمير ڪرايو. 1901ع ڌاري هن ئي امام بارگاھہ ۾ ميرزا ٻڍل بيگ هڪ بلند علم نسب ڪرايو، جيڪو اڄ تائين حيدرآباد جو قديم ترين ۽ وڏي ۾ وڏو علم آهي. سال 1956ع ۾ امام بارگاھہ جي باني ميرزا فتح علي بيگ جي پڙ پوٽي ميرزا علي محمد بيگ از سرنوُ علي آباد تعمير ڪرايو. 1956ع کان وٺي 1996ع تائين هن امام بارگاھہ جي مختلف وقفن ۾ مرمت ٿيندي رهي ۽ 1998ع ۾ سڄي امام بارگاھہ جي مرمت سان گڏ ڀتين ۽ فرش تي ماربل هڻائڻ جو ڪم ميرزا فياض علي بيگ جي گهر واريءَ ڪرايو.علي آباد واري پڙ ۾ 1863ع کان سڄي سنڌ ۽ هنڌ کانسواءِ ايران ۽ عراق جا بہ وڏا جيد عالم، مجتهد، ذاڪر، مرثيہ خوان ۽ شاعر ايندا رهندا آهن. امام بارگاھہ جي تمام خستہ حالت ٿي وڃڻ کانپوءِ 2016ع ۾ سڄي امام بارگاھہ ٽوڙائي از سر نوُ حضرت علي عليہ السلام جي روضي مبارڪ جهڙو تعمير ڪرائڻ جو پڪو ارادو اڳوڻي ڊي آءِ جي جيل ميرزا شجاع حيدر بيگ ڪيو، جنهن علي آباد جي باني ميرزا فتح علي بيگ ‘فتح’ جي سموري اولاد سان صلاح مشورو ڪري، امام بارگاھہ علي آباد جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو 2017ع ۾ جڙي راس ٿيو. هيءَ تعمير ميرزا شجاع حيدر بيگ ۽ باني ميرزا فتح علي بيگ جي اولاد ملي ڪري گڏجي تعمير ڪرائي آهي پر سَهرو وري بہ ميرزا شجاع حيدر بيگ جي سر تي آهي. هن امام بارگاھہ ۾ مجلسون، ميلادون ۽ محفلون ٿينديون رهن ٿيون. هر جمعرات ماتمداري ۽ مجلس پڻ ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو