علـي گوهـر قاضي

علـي گوهـر، قاضي: قـاضي علـي گوهـر، 14 فبروري 1925ع تـي قاضي محلي روهڙيءَ ۾، قاضي علي اڪبر درازيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم قاضي محلا اسڪول روهڙيءَ ۾ ۽ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1944ع ۾ پاس ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز فوڊ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر جي حيثيت سان ڪيائين. جلدي ئي فوڊ کاتي کي روينيو کاتي ۾ ضم ڪيو ويو، جنهن سبب پاڻ ترقي ڪندي مختيارڪار ۽ پوءِ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. کيس علم ادب سان گهرو لڳاءُ ۽ سچل سرمست سان عقيدتمند هوندي هئي. هن سچل سرمست تي نماڻي فقير جي ترتيب ڏنل ڪتاب ‘سچل جو ڪلام عرف عاشقي الھام’ ۾ واڌارا سڌارا ڪري سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيرسٽي خيرپور ميرس مان ڇپايو. قاضي علي گوهر، 07 مئي 1994ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.02.14  عيسوي

قـاضي علـي گوهـر، 14 فبروري 1925ع تـي قاضي محلي روهڙيءَ ۾، قاضي علي اڪبر درازيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1994.05.07  عيسوي

قاضي علي گوهر، 07 مئي 1994ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت سُروپداس
زبيدہ قادري آپا
حڪيم حبيب ﷲ بکري
بخاري مستور فاطمہ
خورشيد قائمخاني
شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
گلاب چانڊيو اداڪار
وفا اسلم شيخ
رميش سپي
ڪيھرشوڪت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون