عـلـي رضا عمراڻي

عـلـي رضا عمراڻي

عـلـي رضا عمراڻي

عـلـي رضا عمراڻي: سـنڌي ۽ اردوءَ جي شـاعـر عـلـي رضا عمـراڻي، 14 آگسٽ 1975ع تي سجاول ۾ خير محمد عمراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي. تعليم جي حاصلات بعد روينيو کاتي ۾ تپيدار جي حيثيت سان ملازم مقرر ٿيو. شاگرديءَ واري وقت کان علم ادب سـان لـڳاءُ رهـيـو. ادبي ذوق سبـب شاعريءَ ڏانهن لاڙو ٿيو. 1992ع کان شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سندس شاعري مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. اڳتي هلي 2003ع ۾ اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس اردو شاعريءَ جو مجموعو ‘اجالا تيري يادون ڪا’ ادارہ دنيا ادب ڪراچيءَ پاران شايع پڻ ٿي چڪو آهي. پاڻ هن وقت سجاول ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.14  عيسوي

سـنڌي ۽ اردوءَ جي شـاعـر عـلـي رضا عمـراڻي، 14 آگسٽ 1975ع تي سجاول ۾ خير محمد عمراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب ڪنگو
شھباز علي ملازم سروري
امداد علي سولنگي
شيڪسپيئر وليم
ٽيڪم آفتاب
عيسو هالائي عاجز
مير شھداد علي خان حيدري ٽالپر
ڀرڳڙي مشتاق
ڀون سنڌي
غلام ﷲ مير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون