عـبـدالله وريـاھہ

عـبـدالله وريـاھہ: مشهـور شـاعـر، اديب ۽ محقق عبدالله ورياھہ، 1950ع ۾ ٽنڊي آدم جي جمن شاھہ پاڙي ۾ تاج محمد ورياھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ميمڻ پاڙي مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ شاھہ عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم مان ورتائين. وڌيڪ تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. کيس تاريخ سان گهري دلچسپي هوندي هئي. هن ‘سنڌ جي تاريخ سڪن جي آئيني ۾’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز لکي، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ‘هسٽري آف سنڌ ٿرو ڪوائنس’ جي نالي سان ترجمو ڪيائين، پر کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نہ ملي. هو ٺپن ۽ سڪن جون ٻوليون پڙهڻ ڄاڻندو هو، کيس فارسي، عربي، سنسڪرت سميت ٻين ڪيترن ئي ٻولين تي چڱي مهارت هوندي هئي. هن تاريخ ۽ ثقافت جي موضوع تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي ‘مهراڻ’ رسالي سميت ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. هن ثقافت کي سهيڙڻ لاءِ شاھہ عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم ۾ ‘ٽي روزہ سگهڙ ڪانفرنس’ ڪوٺائي ۽ سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ٻين دوستن سان گڏجي تاريخ تي تمام چڱو ڪم ڪيو. ھن سانگهڙ ضلعي جي تاريخي ماڳن مڪانن بابت تحقيق ڪري ‘سانگهڙ صدين کان’ ڪتاب مرتب ڪيو. سانگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي، سڄي سنڌ جي سگهڙ شاعرن کي گڏ ڪيائين. سندس ئي ڪوشش جي نتيجي ۾ ‘ڊائريڪٽري '>سگهڙن جي ڊائريڪٽري ’ ڇپي. هن تاريخي ماڳ ۽ سنڌ جي اڳوڻي دارالحڪومت برهمڻ آباد تي سانگهڙ ضلعي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان انٽرنيشنل سيمينار ڪرايو. جنهن ۾ سنڌ جي گورنر سميت ڪيترائي اسڪالر، تاريخدان،محقق ۽ تاريخ سان وابستگي رکندڙ ماڻهو شريڪ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ برهمڻ آباد جي ماڳ تي تحقيق ۽ کوٽائيءَ جو ڪم ٿيو. هن جي ڪوششن سان حڪومت پاران برهمڻ آباد ۾ ريسٽ هائوس ۽ هوائي اڏو ٺهرائڻ جو اعلان ٿيو پر عمل نہ ٿي سگهيو. عبدالله ورياھہ، ٽنڊي آدم ۾ پنھنجي لطيف گيٽ واري اوطاق تي اڪثر ڪري هر مهيني مشاعرو يا تاريخ تي گڏجاڻي ڪرائيندو هو، جنهن ۾ سڄي سنڌ سميت ملڪي توڙي پرڏيهي اسڪالر پڻ شريڪ ٿيندا هئا. پاڻ بھترين شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ ‘آزاد ’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي. پاڻ سياست ۾ گهڻو سرگرم رهيو. سندس سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان هئي. عبدالله ورياھہ، پهرين جون 1999ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.06.01  عيسوي

مشهـور شـاعـر، اديب ۽ محقق عبدالله ورياهه، 1950ع ۾ ٽنڊي آدم جي جمن شاهه پاڙي ۾ تاج محمد ورياهه جي گهر ۾ جنم ورتو. عبدالله ورياهه، پهرين جون 1999ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو دادن فقير
ارجن حاسد
غلام احمد بيدم خواجہ
بيدل دهلوي
سچل سرمست
رحمت ﷲ پيرزادو اول
عباسي نور محمد نور
اياز قادري
لعل چند مجروح
عطا حسين حافظ بجاراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون