
عطيه دائود
عطيہ دائود: نامور ليکڪہ عطيہ دائود جو اصل نالو عطيہ لاڙڪ آهي. هن پهرين اپريل 1958ع تي ڳوٺ موليڏني لاڙڪ، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو. هيءَ هڪ وقت صحافي، سماجي ڪارڪن، شاعره، مقالا نگار ۽ تنقيد نگار آهي. عطيہ دائود جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) شرافت جي پلصراط (شاعري)، (2) اڻپوري چادر (شاعري)، (3) Raging to be free (شاعري ترجمو:فھميدہ رياض)، (4) سنڌي عورت جي ڪهاڻي، (5) سنڌي عورت سپني سي سچ تڪ وغيرہ. هيءَ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.