عطا محمد زوار

عطا محمد زوار: مشھور اداڪار ۽ شاعر زوار عطا محمد جو جنم 26 جنوري 1929ع تي آبڙي، تعلقي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هيءُ بنيادي طور شاعر هو. پر اڳتي هلي فلمن طرف لاڙو ٿيس. هن سنڌي، اردو ڊرامن توڙي فلمن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. هن نامور اداڪار ساقيءَ سان گڏ اردو فلم ۾ بہ رول ادا ڪيو. پي. ٽي. وي تان نشر ٿيل ڊرامي ‘سون ورنيون دليون ’ ۾ مرڪزي ڪردار نڀايائين، ان کان سواءِ هن گلن جھڙا ٻارڙا، اردو فلم آپ سي ڪيا پرده، اداڪار سڌير سان گڏ اردو فلم ‘دنگل’ ۾ ڀرپور نموني ڪردار نڀايائين. عطا محمد پنھنجي نالي سان ‘زوار’ تخلص استعمال ڪندو هو. عطا محمد شروع ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هو. سندس ناليوارن اداڪارن: لطيف منو، اسلم پرويز، فاضلاڻي صاحب وغيرہ سان دوستاڻا تعلقات هئا. جيڪي وٽس لاڙڪاڻي بہ ايندا هئا. عطا محمد ڳوٺ مان لڏي اچي قافلہ سراءِ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. عطا محمد لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن 7 مارچ 1997ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.26  عيسوي

مشهور اداڪار ۽ شاعر زوار عطا محمد جو جنم 26 جنوري 1929ع تي آبڙي، تعلقي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.


1997.03.07  عيسوي

عطا محمد زوار 7 مارچ 1997ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير نور شاھہ هاشمي
پرمانند ڏيپچند هندوجا
اياز حسين ابڙو
سرفراز ڪلهوڙو
شاھہ حسين بخاري جو مقبرو
الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر
جانان بيگم
رشيد گل
رهيجا تولارام ڪنئيها لال
بيبي رابعہ بصري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون