حافظ عطا حسين بجاراڻي

حافظ عطا حسين بجاراڻي

عطا حسين حافظ بجاراڻي

عطا حسين حافظ، بجاراڻي: مشھور شاعر حافظ عطا حسين ولد آدم خان بجاراڻي 8 آگسٽ 1958ع تي ڳوٺ علي بخش خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هي ديني تعليم پنھنجي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪري حافظ قرآن ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان، بِي. اِي ايگريڪلچر، انجنيئرنگ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1984ع ۾ حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات زرعي ترقياتي بئنڪ ڪشمور ۾ 1985ع ڌاري ايم. سي. او طور ڪئي. پروموشن ملڻ بعد 2003ع کان 2005ع تائين ڪشمور ۾ مئنيجر ٿي رهيو. بعد ۾ ڪجهہ وقت لاءِ پنجاب جي هڪ علائقي وهاڙي زون ۾ سندس مقرر ٿي. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ جيڪب آباد ۾ مئنيجر آهي. عطا حسين شاعريءَ جي شروعات مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي نامور شاعر ناظم منگيءَ ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هيءُ ‘حافظ بجاراڻي بزم’ جو سربراھہ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘آغاز ڇا انجام ڇا’ (غزل: 2013ع)، ‘حسرتون باقي رهيون’ (رباعيون: 2013ع) ۽ ‘گمنام صدائون’ (2017ع) شايع ٿيل آهن، جڏهن تہ ڪشمور جي گڏيل شاعرن جي مجموعي ‘ڪوي ڪشمور جا’ ۾ بہ سندس شاعري شامل آهي. کيس ‘بھترين شاعر اوارڊ’ (صحافي برادريءَ طرفان)، ‘شھيد شاهد سومرو اوارڊ’ ۽ مانجهي اڪيڊميءَ طرفان ‘مڃتا اوارڊ’ مليل آهن. هي پنھنجي ڳوٺ علي بخش بجاراڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.08.08  عيسوي

مشهور شاعر حافظ عطا حسين ولد آدم خان بجاراڻي 8 آگسٽ 1958ع تي ڳوٺ علي بخش خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي ولي محمد وفا
عبدالفتاح عبد بٺورائي
جبار آزاد منگي
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
شاڪر محمد شاڪر
سلطان باهو
تنوير شاھہ محمد زئي
ڪونج بلوچ
صالح فقير گوهري
شير محمد قريشي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون