عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ ﷲ خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ خان عيسيٰ خيلوي: پنجابي ۽ سرائيڪيءَ جو مشھور راڳي عطاءُ خان، 19 آگسٽ 1951ع ۾ ڳوٺ عيسيٰ خيل، ميانواليءَ (پنجاب) ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي کيس راڳ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. پر سندس خاندان ۾ راڳ ٻڌڻ توڙي ڳائڻ تي پابندي هئي. اهڙين حالتن ۾ هي محمد رفيع ۽ مڪيش جا گانا لڪي لڪي ڳائيندو هو. هن ڪوشش ڪئي تہ پنھنجي والد کي پنھنجي موسيقيءَ سان دلچسپيءَ بابت ٻڌائي، پر ڪنهن بہ هن جي ڳالھہ نہ ٻڌي. تنهنڪري مجبور ٿي گهر ڇڏي ويو. ان وقت سندس عمر 18 سال هئي. هي پنھنجي شوق جي پورائي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ مزدوري ڪندو رهيو ۽ هتان هُتان راڳ بہ سکندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ سندس هڪ ٽيپ ڪيسٽ بہ رڪارڊ ٿي. 1972ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان بھاولپور تي ڳائڻ جو موقعو مليو ۽ ساڳئي سال هن بھاولپور جي هڪ فنڪشن ۾ بہ ڳايو. 1973ع ۾ کيس پاڪستان ٽيليويزن طرفان مشھور پروگرام ‘نيلام گهر’ ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي. هن جو باضابطه پهريون آلبم 1977ع ۾ نڪتو، جنهن کيس ڏاڍو مشھور ڪيو. 1980ع ۾ هو پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر انگلنڊ ڳائڻ لاءِ ويو. هن جون برطانيا مان ڪيتريون ئي راڳ جون ڪيسٽون جاري ٿيون، جن مان سندس هڪ ڪيسٽ ‘نعت ۽ ڪلام’ گهڻو مشھور ٿي، جنهن ۾ صوفي شاعرن ميان محمد بخش جو جوڙيل ‘سيف الملوڪ جو قصو’ ۽ بلهي شاھہ جو ڪلام ‘ڪي بي دردان سنگ ياري’ پسند ڪيا ويا. هن پنجابي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪلام ڳايا آهن.
سندس مشھور ڪلامن ۾ ‘قميص تيري ڪالي’، ‘اڌر زندگي ڪا جنازه’، ‘وي بول سانول’، ‘عشق ۾ هم تمهين ڪيا بتائين’، ‘وه باهر ڪا زمانا’، ‘ماهي وسي، آج ڪالا جوڙا پا’ وغيرہ تمام گهڻو مشھور آهن. پاڪستان سرڪار کيس 1991ع ۾ ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ جو اوارڊ ڏنو. 2011ع ۾ هن ڪوڪ اسٽوڊيو (ڏسندا: ‘ڪوڪ اسٽوڊيو’، ايندڙ جلد) ۾ ٻہ ڪلام ‘ني اٺان والي’ ۽ ‘پيار نال’ وغيرہ ڳايا. هن وقت تائين پنجاھہ هزارن کان مٿي ڪلام ڳايا آهن. جنهنڪري سندس نالو ‘گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ’ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 1994ع ۾ کيس ‘ڪوئين ايلزبيٿ’ لائيف ٽائيم اچيومنٽ اوارڊ برطانيا حڪومت طرفان ڏنو ويو آهي. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، جاپان، ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، اسپين، جرمني، انڊيا ۽ اٽلي وغيرہ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.08.19  عيسوي

پنجابي ۽ سرائيڪيءَ جو مشهور راڳي عطاءُ الله خان، 19 آگسٽ 1951ع ۾ ڳوٺ عيسيٰ خيل، ميانواليءَ (پنجاب) ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد مبارڪ علي خان
فتح محمد خان ڏيڌڙو
پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
عبدالله پنهور
استاد شفيع فقير
سترام روهڙا
طالب خان پالاري
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
ٻڍو فقير
علڻ فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون