
عصمت ڏاهري
عصمت ڏاهري: مشھور سماج سڌارڪ ۽ شاعرہ عصمت ڏاهري 19 مارچ 1949ع تي لکنؤ ۾ محمد ايوب خان يوسف زئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1954ع ڌاري لکنؤ مان لڏي نوابشاھہ سنڌ ۾ اچي رهيا. هن پنھنجي تعليم نواب شاھہ مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري دور کان ئي تعليمي توڙي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. تعليم پوري ڪرڻ بعد نوابشاھہ جي ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهريءَ سان شادي ڪري عصمت ڏاهري لکڻ شروع ڪيو. هن سماج ۾ عورتن جي اڻ برابري وارين حالتن کي ڏسي انھن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. 1972ع ڌاري عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ’پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن‘ (اپوا) نوابشاھہ جي ميمبر ٿي. ڪجهہ عرصي بعد ان تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي سيڪريٽري ۽ صدر بہ چونڊي وئي. ان کانسواءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي، فيملي ويلفيئر ائسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل رهي. 1979ع ۾ نوابشاھہ ميونسپل جي ميمبر پڻ رهي. پاڻ سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ شاعرہ پڻ هئي. اردوءَ جي مشھور رسالن: اخبار جهان، امن، جنگ، انجام ۽ مشرق ۾ سندس شاعري ڇپيل آهي. سندس اردو توڙي سنڌي شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ”خواب ميري دھوان دھوان“ (1986ع) ۽ ”سر ملي نئي نئي“ (1994ع) پڻ شايع ٿيل آهن. کيس سماجي خدمتن عيوض سنڌ حڪومت طرفان ٻہ ڀيرا گولڊ ميڊل پڻ مليا. 2 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين نواب شاھہ جي حاجي نصير قبرستان ۾ ٿي.
1949.03.19 عيسوي
مشھور سماج سڌارڪ ۽ شاعره عصمت ڏاهري 19 مارچ 1949ع تي لکنؤ ۾ محمد ايوب خان يوسف زئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
2003.03.02 عيسوي
عصمت ڏاهري 2 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين نواب شاهه جي حاجي نصير قبرستان ۾ ٿي.