عرض محمد خان لغاري، نواب: صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب عرض محمد خان ولد نواب محمد خان لغاري 26 سيپٽمبر 1892ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم پنج درجا اسڪول ۾ پڙهيو، پوءِ کيس پنھنجي والد گهر ۾ پڙهايو، پنھنجي تجربي ۽ مطالعي مان گهڻو پرايائين، پاڻ بھترين شاعر هو. اڍائي سو کن سنڌي ڪلام، ڪافيون ۽ ڪجهہ بيت چيا اٿس. سندس شاعري ۾ فني پختگي سان گڏ ڪلاسيڪل رچاءُ ۽ صوفياڻو انداز چٽو آهي. پاڻ درگاهن تي ڳائيندو بہ هو. عرض محمد لغاريءَ 1969ع ۾ وفات ڪئي. صوفي راڳي نواب انور احمد خان لغاري چنڊ جي هر مهيني جي 17 تاريخ تي جهوڪ شريف ۾ اچي عرض محمد لغاريءَ جون ڪافيون ڏاڍي سٺي نموني سان ڳائيندو آهي. هن صوفي شاعر جو ذڪر نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنھنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ 553 صفحي تي ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته، “نواب عرض محمد خان لغاريءَ جي شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ سان گڏ ڪلاسيڪل رچاءُ ۽ صوفيانه انداز بہ چٽو آهي.” سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
منهنجي لئہ جيڏيون ڙي،
پنھل آيو مون گهر پيهي پيهي الا،
ڪيئون ڪرم پاڻ جيڏيون ڙي،
آئون تہ هيس اڳهين جيهي تيهي الا…
1892.09.26 عيسوي
صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب عرض محمد خان ولد نواب محمد خان لغاري 26 سيپٽمبر 1892ع تي ڄائو.عرض محمد لغاريءَ 1969ع ۾ وفات ڪئي