
عربي صحرا

عربي صحرا
عربي صحرا: هيءُ وسيع رڻ پَٽ يا بياباني صحرا 180 16.2’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 420 22.5’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، اولھہ ايشيا ۾ يمن کان ايراني نار، عمان کان سعودي عرب، عراق، قطر، ڪوويت ۽ متحدہ عرب امارات جي حدن تائين پکڙيل آهي. هن کي صحراءِ عرب ۽ عام طور تي عرب ملڪن تي پکڙيل صحارا ريگستان جو تسلسل پڻ چيو وڃي ٿو. هيءُ صحرا تقريباً 23 لک 30 هزار چورس ڪلوميٽر (2330000 ڪ. م) جي ايراضيءَ سان گهڻي ڀاڱي عرب اپٻيٽ ملڪن تي مشتمل آهي. هي صحرا 2100 ڪلوميٽر (1305 ميل) اوڀر کان اولھہ طرف ڊگهو، 1100 ڪلوميٽر (684 ميل) اتر ڏکڻ ۾ ويڪرو آهي. هيءُ دنيا جو چوٿون ۽ ايشيا جو پهريون نمبر وڏو رڻ پٽ آهي.هن جي مرڪز رب الخالي وٽ دنيا جون وسيع وارياسي دٻون آهن. ٻين اهم نشانن ۽ مقامن ۾: النفود، السبطين ۽ الوحيبه شامل آهن. هتان جي آبهوا گهڻي ڀاڱي خشڪ رهي ٿي، ڪجهہ مخصوص حصن ۾ سڄي سال ۾ هڪ ڀيرو 100 (ملي ميٽر) يا ان کان بہ گهٽ 50 ملي ميٽرن تائين برسات ٿئي ٿي، جنهنڪري عربي صحرا ۾ گرمي پد انتهائي گرم رهي ٿو، جڏهن تہ سياري جي موسم ۾ ڏينهن گرم ۽ رات انتهائي ٿڌي ٿئي ٿي. هيءَ صحرا انتهائي خشڪ ۽ ڪن خاص ٻوٽن لاءِ سازگار حياتياتي خطي جو درجو رکندڙ آهي. عربي صحرا ۾ مروج آبهوا مطابق مختلف حياتي رنگ (biodiversity) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ هتي صرف مخصوص وڻن/ ٻوٽن جي پوک ٿئي ٿي، پر موجودہ وقت ۾ ماحولياتي تباهي ۽ انساني آبادڪاري ۽ پکين توڙي جانورن جي شڪار سبب صحرا جي ماحول کي ڪافي نقصان رسي پيو آهي. هن صحرا جي چوٽيءَ وارو هنڌ ’جبل النبي شعيب‘ جي نالي سان سڏجي ٿو.