عراقي، فخرالدين، شيخ: فارسيءَ جي نامور صوفي شاعر شيخ فخرالدين ‘عراقي’ 610ھہ/ 1213ع ڌاري ايران جي شھر ‘همدان’ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو ابراهيم هو. عراقي سترهن سالن جي ڄمار ۾ عشق مجازيءَ ۾ اڙجي ويو. قلندرن جي ٽولي ۾ هڪ حسين نوجوان سان لنؤ لڳس. جنهن سبب ان ٽولي جو پيڇو ڪندي ملتان آيو، جتي سندس ملاقات غوث بھاءُ الدين زڪريا رح سان ٿي. عراقي ۽ غوث بھاءُ الدين زڪريا هڪٻئي مان گهڻو متاثر ٿيا. عراقيءَ محسوس ڪيو تہ سندس اندر زڪريا ڏانهن گهڻي ڇِڪ ٿي رهي آهي، تڏهن قلندرن کي چيائين تہ بهتر آهي تہ هتان هليا هلون، نہ تہ آئون هن بزرگ جي دام ۾ ڦاسي اوهان کان جدا ٿي ويندس. پوءِ سندس ٽولو جلد ملتان مان نڪري ويو، پر سندس دل تي شيخ جي گفتگو ۽ ملاقات جو اهڙو اثر هو، جو ڪجهہ ڏينهن بعد واپس موٽي ملتان آيو ۽ شيخ سان ملاقات ڪيائين. شيخ غوث بھاءُ الدين زڪريا کي روحاني مرشد قبول ڪري، سندس چوڻ تي 40 ڏينهن جي چلي ۾ ويهي رهيو، پر 40 ڏينهن جو چلو هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪري ورتائين. حڪيم پير عبدالعزيز سرهندي (مهراڻ پهرين فيبروري 1970ع) لکيو آهي تہ جڏهن شيخ عراقي چلي ۾ ويٺو تہ غوث زڪريا کيس تاڪيد ڪئي ته، عبادت کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ڪجان. پر ٿيو ائين جو پهرئين ڏينهن غوث زڪريا جا مريد عراقيءَ جي حجري وٽان لنگهيا تہ ٻڌائون تہ هو نهايت مستيءَ ۾ پنهنجو فارسي ڪلام وڏي آواز سان ڳائي رهيو آهي. انهن وڃي غوث زڪريا کي ڳالھہ ٻڌائي ۽ ٻڌايائون تہ ٻين شعرن سان گڏ هي شعر پڻ جهونگاري رهيو هو: چو خود ڪردند راز خويشستن فاش، عـراقـي را چــرا بـدنـام ڪـردنـد؟
تڏهن غوث رحه کيس حجري مان سڏائي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين تہ “تو 40 ڏينهن وارو ڪم هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪري ڇڏيو.” پوءِ کيس پنھنجي نياڻيءَ سان شادي پڻ ڪرايائين. غوث زڪريا جي وفات کانپوءِ ‘عراقي’ سندس جاءِ نشين ٿيو.عراقي، نثر ۾ هڪ ڪتاب ‘لمحات’ جي نالي سان لکيو، جيڪو اٺاويهن بابن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سندس مرشد غوث بھاءُ الدين زڪريا جي خاص ڪري ‘ابن العربي’ متعلق ڪيل تقريرن جو خلاصو بيان ڪيل آهي. انهيءَ ڪتاب جي شرح مولانا جاميءَ لکي آهي. شاعريءَ ۾ عراقيءَ جو هڪ ديوان ‘ديوان عراقي’ جي نالي سان آهي، جيڪو قصيدن، غزلن ۽ رباعين تي مشتمل آهي. ان کانسواءِ هڪ مثنوي ‘عشاق نامہ’ جي نالي سان پڻ آهي. عراقيءَ پنھنجي غزلن ۾ گهڻو ڪري تصوف جي اسرار ۽ رموز کي کولي بيان ڪيو آهي. صوفياڻن خيالن جي اظهار ۾ ‘مي’، ‘عشق’، ‘خم’، ‘جام’، ‘ميڪده’ وغيرہ لفظن جي استعمال سبب سندن مريدن ۽ ساٿين ۾ سندن روحانيت تي شڪ ٿيڻ لڳو ۽ انهن ۾ مت ڀيد وڌڻ سبب کيس ملتان مان هجرت ڪرڻي پئي. فخرالدين ‘عراقي’ 686 ھہ/ 1287ع ۾ وفات ڪئي.